ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪستو ڪڏهن ٽٽندو؟

پاڪستان جي معاشي حالت ان سطح تي وڃي بيٺي آهي جو قرض ملڻ تي خوشي ملهائي ٿي وڃي. آءِ ايم ايف پاران ڏنل هاڻوڪي قرض کان پوءِ اهو قرض نيٺ پاڪستان کي واپس به ڪرڻو آهي. ان کان سواءِ آءِ ايم ايف جيڪي ڳرا شرط پاڪستان لاءِ رکيا آهن، اهي به هر حال ۾ پورا ڪرڻا آهن. تازو آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي رقم فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته ان قرض جي ٻي قسط نومبر ۽ فيبروريءَ ۾ ٻن جائزن کان پوءِ فراهم ڪئي ويندي. قرض جو ملڻ ۽ ان کان پوءِ ڏکيون شرطون پوريون ڪرڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي، تنهنڪري هاڻوڪي قرض کان پوءِ جيڪي جائزا آءِ ايم ايف پاران پيش ڪيا ويا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ لازمي آهي.
پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ کان پوءِ اهو چيو ويو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا معاشي حالت عمران خان نيازيءَ جي حڪومت ۾ هئي، ان کي ڏسي لڳو پئي پاڪستان جي معاشي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿيڻي آهي. هن ملڪ جو معاشي تاڃي پيٽو ايڏو ته خراب ٿي چڪو آهي جو ان ۾ سخت فيصلن جي ضرورت آهي، اهي سخت فيصلا عوام لاءِ نه پر اشرافيا لاءِ ڪرڻ لازمي آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي اشرافيا عوام جي پئسي تي پلجي رهي آهي ۽ ان کان سواءِ ان کي ڪا جهل پل ڪونهي، ان تي ڪو قانون لاڳو ٿئي ڪونه ٿو. تنهنڪري اها هن ملڪ جي معيشت تي وڏو بار پڻ آهي. تازو آءِ ايم ايف پاران قرض جي رقم ملڻ تي ملڪ جو وزير اعظم خوش نظر ڪونه ٿو اچي.
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان ڊيفالٽ کان بچي وياسين. پر قرض وٺي اسان پنهنجي عزت وڃائي آهي. هاڻي ڪستو ٽوڙي محنت ڪرڻي پوندي. آگسٽ 2023ع ۾ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. ڪالهه بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته اهي محنت ۽ دلچسپيءَ سان تعليم حاصل ڪن ته ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي ضرورت نه آهي. جيڪي قومون ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿيون، انهن قومن جي ترقي جو رستو ڪوبه نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ اٽي ۾ لوڻ برابر نه آهي، جيڪڏهن وسيلا هجن ته مان هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ورهائي ڇڏيان. هن چيو ته گذريل حڪومت وڏن وڏن صنعڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ 3 ارب ڊالر ڏنا ويا، ڪارخانا لڳڻ سٺي ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن ڪارخانا لڳائڻ لاءِ قرض ڏيڻو ئي هو ته مارڪيٽ ريٽ تي ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن هي پئسو ايئن ئي ورهائڻو هو ته ان تي سڀ کان پهريون حق نوجوانن ۽ ٻارڙن جو هو. هن چيو ته هي 3 ارب ڊالر جيڪڏهن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ليپ ٽاپ ۽ قرض ورهائڻ ۽ تعليم تي خرچ ٿين ها ته اڄ اسان کي شايد آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها.
ملڪ ۾ ٻاهرئين سرمائيڪاري اچڻ جا امڪان بنهه گهٽ آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻ معاملا ائين طئي ڪونه ٿا ٿين ته پاڪستان ڪهڙي ملڪ خلاف جنگ وڙهندو ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ جنگي مدد ڏيندو پر هاڻ معاملا ائين طئي ٿي رهيا آهن ته پاڪستان انتهاپسندي گهٽائڻ لاءِ ڇا ڪندو. اهو پنهنجي ملڪ ۾ معاشي سڌارا آڻڻ لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي ۽ مٿئين طبقي تي ٽيڪس کي لاڳو ڪندو. تنهنڪري هاڻ نه رڳو ٻين ملڪن جا پاڪستان بابت مزاج مٽجي ويا آهن پر اهي جيڪي شرطون رکن ٿا، انهن جو پورائو به چاهين ٿا. ان کان به اهم سوال اهو آهي ته ٻاهرئين سرمائيدار کي اها ضمانت ڪير ڏيندو ته سندس سرمايو محفوظ رهندو ۽ ان کي ڪوبه نقصان نه پهچائيندو. ٻي ڳالهه ته پاڪستان اڃا تائين صنعتي ميدان ۾ ايترو اڀري ڪونه سگهيو آهي جو اهو ٻاهرئين سرمائيڪار کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي. تنهنڪري هاڻ جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي، ان کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته پاڪستان کي پنهنجي معيشت کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ قرض تي ڀاڙڻ بدران پاڻڀرو ٿيڻو پوندو. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن پاڪستان جي اشرافيا کي قابو ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ غيرپيداواري خرچ ۽ جنگي جنون کي گهٽايو وڃي ته جيئن اهو پئسو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ٿي سگهي. جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ان ڳالهه جا پري پري تائين امڪان ڪونهن ته ڪستو ڀڄي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button