ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ استادن تي تشدد

سنڌ ۾ استادن جو احتجاج هر سال ڪراچيءَ ۾ ٿيندو رهندو آهي، سنڌ جا استاد پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندا رهندا آهن ۽ سنڌ حڪومت انهن تي تشدد کي جاري رکندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهي استاد نه رڳو ذهني تشدد سهندا آهن پر اهي جسماني تشدد جي عذاب مان به گذرندا آهن. ڪي به ملازم ڀلي اهي ڪهڙي به شعبي سان لاڳاپيل هجن، مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ سندن حق آهي ۽ اهي هر حال ۾ پنهنجن مطالبن جي مڃتا چاهيندا آهن. تنهنڪري اهي ان سلسلي کي جاري رکندا پيا آهن. ڪنهن به احتجاج ڪندڙ ڌر تي تشدد جي واٽ اختيار ڪرڻ ڪنهن به ريت بهتر ناهي سمجهي ويندي، ڇاڪاڻ ته اهي سدائين ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته احتجاج وسيلي اهي پنهنجو آواز ايوانن تائين پهچائي سگهن ۽ انهن جي جائز مطالبن کي مان ڏنو وڃي. پر ڪراچيءَ ۾ جڏهن به سنڌي استادن احتجاج ڪيو آهي ته کين تشدد کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڪجهه ڏينهن کان جاري احتجاج تي به پوليس تشدد ڪري استادن کي گرفتار ڪيو آهي.
استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، استاد ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪري رهيا هئا جنهن دوران پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس 10 استادن کي گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي تي منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ريڊ زون ۾ وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، روڊ زون ۾ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. استادن جو چوڻ آهي ته سڀني استادن کي نوڪري ڏيڻ واري تاريخ کان پڪو ڪيو وڃي، سينيئر پرائمري استادن کي 17 هون گريڊ ڏنو وڃي، استادن جي تذليل جو سلسلو بند ڪيو وڃي. بائيوميٽرڪ ضلعي سطح تي ڪئي وڃي. استادن چيو ته پرائمري اسڪولن ۾ گزيٽيڊ هيڊماستر مقرر ڪرڻ وارو شرط واپس ورتو وڃي، ٽريزري آفيسن ۾ رشوت وٺڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. رٽائرڊ ٿيندڙ استادن کي فوري پينشن جا پئسا ڏنا وڃن. لائيسنس پاليسي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي اهو قدم به واپس ورتو وڃي. استادن چيو ته گروپ انشورنس پاليسيءَ جا پئسا رٽائرمينٽ کان ترت پوءِ ڏنا وڃن. بدين جي استاد امتياز عمراڻي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. تعليم کاتي توڙي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهي استادن جي مطالبن کي ٻڌن، انهن سان ڳالهيون ڪن ۽ اهي ڳالهيون نيٺ ڪنهن نتيجي تي پهچنديون.
اسين سمجهون ٿا ته جهڙي ريت پوليس هر ڀيري استادن تي تشدد ڪندي آهي، اهو طريقو بلڪل به صحيح ڪونهي. تنهنڪري ان کان پاسو ڪيو وڃي. ان کان سواءِ استادن جي تنظيمن سان تعليم کاتي جي عملدارن کي ملڻ گهرجي ۽ اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته استادن جا جيڪي به جائز مطالبا آهن، انهن کي ٻڌو ويندو، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪيو ويندو. پر هيستائين نظر ائين اچي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ نه ئي انهن جي مطالبن کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته استادن جي احتجاج کي غلط نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي دهشتگرد ڪونه آهن. سندن جائز مطالبن کي قبول ڪري ڳالهين جي واٽ اختيار ڪئي وڃي ته جيئن ان مسئلي جو ڪو حل نڪري سگهي ۽ تشدد وارو سلسلو به بند ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button