پاڪستاني ڪرڪيٽر سعود شڪيل شروعاتي 10 اننگز ۾ 800 رنسون ٺاهي دنيا جي ٻئي وڏي سڪور واري بيٽر جو اعزاز ماڻي ورتو اهي. ميڊيا مطابق گال ٽيسٽ ۾ سريلنڪا خلاف 208 رنسن جي شاندار اننگز کيڏندي سعود شڪيل اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سعود شڪيل 98.50 جي شرح سان شروعاتي 10 اننگز ۾ 800 رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي،
پهرين پوزيشن آسٽريليا جي ليجنڊ سر ڊان بريڊمين وٽ آهي. جڏهن تھ آسٽريليا جو اسٽيوي ڊيمپسٽر، انگلينڊ جو هيري بروڪ ۽ آسٽريليا جو ئي سڊني بارنز هاڻ سعود شڪيل جي پويان اچي ويا آهن.