پاڪستان جي مشهور جبل چاڙهو ساجد سدپارا اضافي آڪسيجن بنا براڊ پيڪ چوٽي تي پهچڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق دنيا جي 12هون نمبر 8 هزار 51 ميٽر بلند چوٽي تي چڙهندڙ ساجد سدپارا پهرئين پاڪستاني جبل چاڙهو جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهين تھ روس جي علينا پيڪووا بھ براڊ پيڪ چوٽي تي چڙهڻ ۾ ساجد سدپاران جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن سان منفرد اعزاز ان پڻ پنهنجي نالي ڪيو آهي.