رانديون

فلسطين جي هيبا فٽبال ۾ حجاب واري پهرين ريفري بڻجي وئي

فلسطين سان تعلق رکندڙ عورت هيبا سعديا فٽبال جي راندين ۾ حجاب واري پهرين ريفري بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۾ ويمنز ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ هيبا سعديا حجاب پائي شرڪت ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ هيبا سعديا فلسطين ۾ جنم ورتو، اتان ملائشيا آئي، جتي هن فٽبال ۾ ريفري طور ٽريننگ ورتي، بعد ۾ هيبا سعديا خاندان سميت سوئيڊن ۾ اچي رهي آهي. هوڏانهن سوئيڊن ۾ رهڻ دوران هيبا سعديا ويمنز ليگ ۾ ريفري طور شريڪ ٿي فٽبال مقابلن ۾ انٽري ڏني ۽ دنيا جي حجاب پائيندڙ پهرين عورت عملي ۾ جڳهه ٺاهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button