لاهور هائي ڪورٽ پي سي بي جي بورڊ آف گورنرس جو 15 ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد 7 ڏينهن ۾ چيئرمين جي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هائي ڪورٽ جي پنڊي بينچ ۾ مينيجمينٽ ڪاميٽي خلاف راوالپنڊي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر نويد عباسي پاران داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي عدالت پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. عدالت مينيجمينٽ ڪاميٽي کي 15 ڏينهن ۾ بورڊ آف گورنرس جو نوٽيفڪيشن جو حڪم بھ ڏنو ويو آهي. عدالت جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي تھ موجودا مينيجمينٽ ڪاميٽي معاملا هلائڻ جي مجاز آهي، بي او گي کي نوٽيفائي ڪري ۽ چيئرمين جي چونڊ ڪرائي، عدالت فيصلي ۾ قرار ڏنو تھ بورڊ آف گورنرس جي نوٽيفڪيشن بعد چيئرمين جي چونڊ ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close