ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ ۾ سويلين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ وارين درخواستن جي ٻڌڻي دوران سڀني ٻڌو ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر مارشل لا جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته عدالت مداخلت ڪندي. ان سان گڏ هي به واضح ٿيو ته فوجي عدالتن ۾ جن جوابدارن جا ڪيس هلندا،انهن جا بنيادي حق به معطل هوندا. هي اهي حق آهن، جن جي ملڪ جي آئين ۾ ضمانت ته مليل آهي ۽ عالمي پڌرناما به انهن حقن جي حفاظت ڪن ٿا، پر اسان وٽ واضح طور تي آئين جي اندر لکيل آهي، ۽ انهن کي مشروط ڪيو ويو آهي ته، خاص حالتن ۾ اهي حق به بحال نٿا رهن. ٻين لفظن ۾ جن آرٽيڪلز کي آئين جي جان سمجهيو ويندو آهي، اهي به مشروط آهن ۽ انهن جي ضمانت ڪير به ڏئي نٿو سگهي. هي افتخار محمد چوڌري جي ڏينهن ۾ پرويز مشرف جي وردي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري معاملي تي واضح ڪيو ويو هو ته ڪو به اهڙو صدر ٿي نٿو سگهي، جنهن کي يونيفارم پاتل هوندي، ان سان گڏ ڪنهن به غير آئيني قدم کي قبول نه ڪيو ويندو. هي ڳالهه جيتري ان وقت اهم هئي، ايتري هينئر به آهي، توڙي جو انهن ڏينهن ۾ 9 مئي جهڙو واقعو پيش نه آيو هو،نه ئي وري ڪو اهڙي واقعي ۾ ملوث هجڻ جو سوچي سگهيو پئي، هي شايد پهرين نوعيت جو واقعو آهي، جو حساس هنڌن تي حملا ڪيا ويا. هاڻ ته انهن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي جاچ لاءِ جيڪا جَي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي هئي، ان جي رپورٽ به سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ واضح طور تي عمران خان جي گرفتاري جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان رپورٽ مطابق عمران خان سميت جيڪي به پي ٽي آءِ جا اڳواڻ، ان وقت سرگرم هئا، انهن جي ملوث هجڻ جا آڊيو ۽ ويڊيو ثبوت به محفوظ ڪيا ويا آهن. جن مان هي ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته هي واقعا By Design ڪرايا ويا. وڌيڪ حقيقتون ته ان وقت سامهون اينديون، جنهن وقت معاملو عدالتن ۾ ايندو يا وري ثبوت پيش ڪندڙن يا گڏ ڪندڙن کان آڏي پڇا ڪئي ويندي.
ڪو به سياسي اڳواڻ عمران خان جيان Isolate ٿي سگهي ٿو، يا ڪيو ويندو، ان جو تصور به ڪري نٿو سگهجي. ايستائين جو مارشل لا جي ڏينهن ۾ به عوام جون همدرديون انهن اڳواڻن سان هونديون هيون، جن جي خلاف ڪا ڪارروائي ٿي رهي هوندي هئي. خاص ڪري سياسي يا سويلين قيادت جي نظر ۾ اهڙا جوابدار بي ڏوهي هوندا هئا، پر هاڻ صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي. ايستائين جو عدليا جي اندر به شڪ ۽ شبها موجود آهن ۽ هي سمجهيو پيو وڃي ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، اهو انتهائي سنگين نوعيت جو هو.
عمران خان جي حڪومت وڃڻ وقت، هن کي جيڪي خوش فهميون هيون، اهي ته ختم ٿي ويون آهن، پر هن جون اڪثر دعوائون به درست ثابت نه ٿيون، هي به چيو پيو وڃي ته عمران خان پنهنجو ڪيس پاڻ خراب ڪيو، هڪ طرف هن جي حڪمراني انتهائي خراب هئي، مٿان وري هن جيڪي قدم کنيا، يا جن قدمن کڻڻ لاءِ کيس غلط مشورا ڏنا ويا يا هن پنهنجي سوچ مطابق جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جا نتيجا به درست سامهون نه آيا. عمران خان جي انهن قدمن جي حوالي سان رات جو دير سان عدالت جي کلڻ کانپوءِ جيڪو فيصلو سامهون آيو، ان پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي حوالي سان شڪ ۽ شبهن کي جنم ڏنو، ان کانپوءِ لاڳاتار اهي شڪ به پڪ ۾ تبديل ٿي ويا. هينئر صورتحال اهڙي آهي، جو اڪثر ماڻهو به سمجهن ٿا ته ڪو به سياسي اڳواڻ ان قسم جو کيڏ کيڏي نٿو سگهي. جيڪڏهن سموري سويلين قيادت، پاڻ جهڙي سياستدان بدران نان سويلين سان گڏجي بيهي ۽ اهي پارٽيون ۽ شخصيتون به جن جو هي ريڪارڊ رهيو آهي ته اهي غير سياسي قوتن جا ڏند کٽا ڪنديون رهيون آهن. اهي حڪومت ۾ هجن يا ٻاهر، انهن قوتن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙا قانون متعارف ڪرايا، جنهن سان انهن قوتن جي اختياري ڪمزور ٿي، رڳو ملڪ اندر نه پر آمريڪي ڪانگريس مان اهڙو قانون منظور ٿيو، جنهن تحت جيڪڏهن پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ٿي ته ان جي فوجي امداد روڪي ويندي. ان حوالي سان ڪافي گوڙ به ٿيو ۽ اهي جيڪي گيٽ نمبر فور جا گملا هئا، انهن هي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي اهم اداري جي وجود کي داءَ تي لڳايو ويو. حقيقت ۾ ائين نه هو، نه ئي ڪا سياسي قوت ائين ڪري سگهي ٿي. پر هينئر سڀني کي سمجهه ۾ اچي پيو ته توڙي جو سويلين اختياري کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ واري ڪابه قوت ميدان ۾ ناهي. پر هن ملڪ جي مجموعي تاريخ ۾ اهڙي صورتحال ڪڏهن به نه رهي آهي، عمران خان، انهن قوتن کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته اهي وار ڪن ۽ پنهنجي حق ۾ اهڙي ڪيفيت پيدا ڪن، جنهن کي سامهون رکندي چئي سگهجي ته مقدس ڳئون کي ڇهڻ به گناهه ڪبيرا آهي!
جيڪڏهن سياسي قيادت، پنهنجي سوچ تي قائم رهي ته ڪو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. جيئري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ نه گهرجي، ان حوالي سان نئين سوچ جي ضرورت آهي. اهي سموريون ڌريون، جن جو سويلين معاشري کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو ۽ اهي پاڻ به نان سويلين کان متاثر رهيون، انهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا ويا، خاص ڪري سياسي ڪارڪنن سان جيڪا ويڌن ٿي، ان کي وسارڻ نه گهرجي. ملڪ ۾ اهڙي ڪابه قانون سازي نه ٿيڻ گهرجي، جنهن جي قيمت گڏيل طور تي ادا ڪرڻي پئي. موجوده حالتن ۾ عمران خان جو ڪوبه سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي ۽ سويلين حڪمراني عمران خان ناهي، پر مجموعي طور تي ادارن کي سگهارو بنائڻ لاءِ گڏيل ڏاهپ جو استعمال ڪرڻ به ضروري آهي. هينئر انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا اڻ ڳڻيا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪابه قوت ناهي. سموري سويلين سوسائٽي يرغمال بڻيل آهي، ان کي اقتدار جي حاصلات جي بنياد تي قربان ڪري نٿو سگهجي. ملڪي سياسي قيادت کي پنهنجي سوچ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن غير سياسي قوتن سان ها ۾ ها ملائي وئي ۽ هٿيار ڦٽا ڪيا ويا ته مستقبل جو منظرنامون انتهائي خطرناڪ هوندو. شهرين جي بنيادي حقن لاءِ معاشري اندر مزاحمتي قوتون نه صرف موجود آهن، پر اهي اظهار به ڪن ٿيون، پر اسان انتهائي اونداهي کنڊ ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. هينئر هي ڳالهه به سوچڻ گهرجي ته آمريڪا جي پهرين ترميم يا Frist amendment ڪيتري اهميت لائق آهي، جنهن تحت بنيادي حقن تي نه صرف سواليا نشان لڳائي نٿو سگهجي، پر انهن خلاف پارليامينٽ قانون سازي به ڪري نٿي سگهي، هينئر وڌيڪ Safety Valves گهربل آهن، هي ڪم ڪا به آسماني قوت نه ڪندي، پر سياسي قوتون کي ئي ڪرڻا آهن. انڪري سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي الارم ٻڌا ويا انهن ڏانهن ڪن ڏيڻ گهرجي ۽ سمجهڻو پوندو ته اسان کي مستقبل جو ڪهڙو سياسي آرڊر گهربل هوندو؟