اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت بجلي ساڍا 7 رپيا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد :مهانگائي سٽيل عوام تي وفاقي حڪومت رات دير سان بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو. وفاقي حڪومت بجلي 7 رپيا 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 3 رپين کان ساڍا 7 رپيا تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڪابينا سرڪوليشن ذريعي سمري جي منظوري ڏني، نيپرا ٽيرف سراسري طور 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ وڌائڻ جي منظوري ڏني هئي، اها منظوري هلندڙ مالي سال لاءِ هئي. حڪومت بنيادي قيمت ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي آهي، نيپرا هاڻ وفاقي حڪومت جي درخواست تي شنوائي ڪندي، نيپرا سبسڊي ايڊجسٽمينٽ کي ڏسندي شنوائي کانپوءِ فيصلو ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ڪرڻ جي تجويز آهي. 100 يونٽ وارن گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 3 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ، 101 کان 200 يونٽن تائين 4 رپيا في يونٽ، 201 کان 300 يونٽن تائين 5 رپيا في يونٽ، 301 کان 400 يونٽ تائين 6 رپيا 50 پئسا في يونٽ، جڏهن ته 400 کان 700 يونٽ وارن واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 7 رپيا 50 پئسا مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button