اسلام آبادپاڪستان

معذور ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي:صدر عارف علوي

اسلام آباد :صدر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اهڙا ماڻهو معذوري جو شڪار آهن، ذهني معذوري کان علاوه ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم، جسماني معذوري جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي. جنهن جو قانوني طور ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن لاءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمتن ۾ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار صدر عارف علوي معذور ۽ خصوصي ماڻهن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو. صدر مملڪت چيو ته حڪومتي سطح تي طئي ڪيو ويو آهي ته ذهني معذوري کان علاوه معذوري جو شڪار ٻارن کي داخلا عام اسڪولن ۾ فراهم ڪئي وڃي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو روزگار جا موقعا معذور ماڻهن کي فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کين اهڙيون ملازمتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن سان انهن جي مهارتن کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ان حوالي سان نيشنل ووڪيشنمل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) معذور ماڻهن لاءِ تربيت جا بندوبست ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button