رانديون

پاڪستان 37 سالن بعد ورلڊ جونيئر اسڪواش جو چيمپيئن بڻجي ويو

پاڪستان 37 سالن جي وڏي انتظار بعد ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپيئن بڻجي ويو آهي ۽ اهو اعزاز ملڪ کي حمزا خان ڏياريو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ ايونٽ جي فائنل ۾ پاڪستان جي حمزا خان مصر جي محمد ذڪريا کي 3 جي ڀيٽ ۾ 7 پوائينٽس تان هارائي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ حمزا خان 1986ع بعد پاڪستان کي پهرين ٽرافي کٽرائي تاريخ لکي ورتي آهي، جنهن تي پاڪستان اسڪواش فيڊريشن سندس ڏيهه پهچڻ تي شاندار آجيان ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن خابرو اداري سان فون تي ڳالهائيندي حمزا خان ٻڌايو تھ ڪاميابي جو احساس جلد ٿيو، دماغ تي چڙهڻ نھ ڏنو، گرمي ۽ سردي ۾ شديد ٽريننگ ڪئي، اٽڪل 6 ڪلاڪ اسڪواش ڪورٽ ۾ رهندو هئس. هن چيو تھ مون رات جي 3 وڳي بھ اٿي پريڪٽس ڪئي، والد گهڻو ساٿ ڏنو، اهو رات جي ان پهر ۾ بھ ملڪ شيڪ ٺاهي پياريندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button