رانديون

چين جي ڪنوين پهريون ڀيرو ڊبليو ٽي اي ٽرافي کٽي ورتي

چين جي ٽينس اسٽار زينگ ڪنوين ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو ڊبليو ٽي اي ٽرافي کٽي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڊبليو ٽي اي جا مقابلا پالرمو شهر ۾منعقد ڪيا ويا، جتي فائنل جي مقابلي ۾ چين زينگ ڪنوين پنهنجي مخالف اٽلي جي ٽينس اسٽار جاسمين پاوليني کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ مقابلي ۾ دير سبب زينگ ڪنوين کي وائلڊ ڪارڊ تي انٽري ملي، پر هن بهترين راند کيڏي مقابلو کٽي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button