رانديون

ڪولمبو ٽيسٽ ۾ سرفراز احمد جي جا تي رضوان ٽيم ۾ شامل

ڪولمبو: ڪولمبو ٽيسٽ ۾ سرفراز احمد جي ريٽائرڊ هرٽ ٿيڻ بعد محمد رضوان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪولمبو ۾ کيڏي ويندڙ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن محمد رضوان کي ڪنيڪشن قانون تحت وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين سرفراز احمد جي جاءِ تي فائنل اليون ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪستاني ٽيم مئنيجمينٽ ميچ ريفري کي درخواست ڪئي هئي ته سرفراز جي جاءِ تي محمد رضوان کي شامل ڪيو وڃي، ميچ ريفري ڊيوڊ بون ٽيم انتظاميا جي درخواست قبول ڪري ورتي. محمد رضوان ڪولمبو ۾ جاري ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ جي باقي ميچ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button