رانديون

نعمان تباهي آڻي ڇڏي، پاڪستان هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ سريلنڪا وائيٽ واش

پاڪستان ڪولمبو ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي اننگز ۽ 222 رنسن تان شڪست ڏئي سريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي اسپنر نعمان علي تباهي آڻيندڙ بالنگ ڪرائي 7 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، نسيم شاهه آخري ٽن بيٽرن کي پويلين واپس اماڻي آخري ڌڪ هڻڻ ۾ ڪامياب رهيو. ميڊيا مطابق ڪولمبو ٽيسٽ ۾ سريلنڪن ٽيم 188 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان اننگز ۽ 222 رنسن تان فتح ماڻي سيريز بھ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، جيڪا هڪ سال بعد پاڪستان جي ٽيسٽ سيريز ۾ وڏي ڪاميابي آهي. ٻي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن تي نعمان علي سريلنڪان ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني کي 41، نشان مدوشڪا 33، ڪوشل مينڊس 14، دنيش چنديمل هڪ، ڌننجيا ڊي سلوا کي 10، سديرا سماراوڪرما کي 5 ۽ رميش مينڊس کي 16 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو،

پاڪستاني بالر نعمان علي جنهن 7 وڪيٽون ورتيون

جڏهن تھ نسيم شاهه آخري 3 بيٽرن پرابٿ جئي سوريا، اسيٿا فرنينڊو ۽ ڊلشان مدوشنڪا کي آئوٽ ڪري رنسن جو کاتو کولڻ بنا ئي پويليس واپس موڪلي ڇڏيو. پاڪستان پهرين اننگز 5 وڪيٽن سان 576 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي. جنهن ۾ عبدالله شفيق 201 ۽ آغا سلمان علي 132 رنسن جي اننگز کيڏي پاڻ کي يادگار بڻايو. ياد رهي تھ سريلنڪا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 166 ۽ ٻي اننگز ۾ 188 رنسون ٺاهيون، جنهن سبب پاڪستان آساني سان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. هوڏانهن آغا سلمان کي 221 رنسن ۽ 3 وڪيٽن تي پليئر آف دي سيريز ۽ عبدالله شفيق کي 201 رنسن تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button