رانديون

ايراني شطرنج رانديگرياڻي سارا خادم کي اسپينش شهريت ملي وئي

اسپين جي حڪومت ايران جي عالمي شهرت يافتا شطرنج جي رانديگرياڻي سارا خادم کي شهريت ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سارا خادم حجاب پائڻ بنا عالمي مقابلن ۾ شرڪت سبب ايران ۾ زندگي کي خطرا ڄاڻايا هئا، جنهن بعد سارا خادم مڙس فلم ميڪر ارديشيئر احمدي ۽ پٽ سيم سميت جنوري ۾ اسپين جي وزيراعظم سان ملاقات بھ ڪري شهريت ۽ پناهه ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي منظور ڪندي اسپين جي انصاف واري وزير پلر ليوپ اعلان ڪيو تھ مسز سارا سادت خادم الشريح کي اسپين جي شهرت ڏني وئي آهي. هن سرڪاري طور سندس مڪمل نالو پڻ پڙهي ٻڌايو. هوڏانهن شهريت ملڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ سارا خادم چيو تھ حجاب نھ پائڻ سبب گرفتاري ۽ موت جا خطرا هئا، مائٽ بھ ايران اچڻ کان روڪيو هو، مون کي اهڙي جڳهه جي شديد ضرورت هئي، جتي منهنجو پٽ خوف ۽ اسان جي سهاري بنا گهمي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button