رانديون

سرفراز سميت 7 پاڪستاني ڪرڪيٽر لنڪا ليگ ۾ نظر ايندا

پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سميت 7 اهم ڪرڪيٽر لنڪا پريميئر ليگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي مختلف فرنچائيزز جي نمائندگي ڪندي نظر ايندا. ميڊيا مطابق لنڪا ليگ ۾ امام الحق، نواز، حسن علي، سرفراز، عامر جمال، نسيم شاهه ۽ ڪپتان بابراعظم کي کنيو ويو آهي، جيڪي ليگ ۾ حصو وٺڻ خاطر سريلنڪا ۾ ئي ترسي پيا آهن. جڏهن تھ باقي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي، ابرار احمد، سعود شڪيل ۽ شان مسعود ڪراچي پهچندا. هوڏانهن محمد رضوان ڪينيڊا ۾ جاري ٽي 20 ليگ ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button