رانديون

آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽر والڊرون پاران رٽائرمينٽ جو فيصلو

آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بيٽر ميري والڊرون عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ ويمن ٽيم ۾ بهترين وقت گذاريندڙ ميري والڊرون 13 سال اڳ ڊيبو ڪيو، 56 ون ڊي ۽ 88 ٽي 20 ميچچ کيڏيا، وڪيٽ ڪيپر طور کيڏندڙ رانديگرياڻي 148 ڀيرا بيٽرز کي آئوٽ ڪري پاڻ ملهايو آهي. هوڏانهن سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ميري والڊرون رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو تھ ڪوچز پاران ڪيريئر ٺاهڻ تي سندن ٿورائتي آهيان، گهرڀاتين بھ منهنجو گهڻو ساٿ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button