ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ن -ليگ ۽ پ پ هڪ پيج تي، اتحادين ۾ ڳڻتي جي لهر

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هينئر تائين ملڪ جي ايندڙ سياسي سيٽ اپ بابت جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ پ پ ۽ ن ليگ ئي شاٽس کيڏندي نظر اچن ٿيون، ان حوالي سان اتحادين، خاص ڪري مولانا فضل الرحمان جي ڳڻتي نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. اي اين پي جهڙين پارٽين کي به ٻٽي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هڪ طرف ڪي پي ڪي ۾ مخالف سياسي پارٽيون، اڳڀريون نظر اچن ٿيون، ته ٻئي پاسي، پارٽي جي اندر قيادت جي معاملي تي اختلاف تيز ٿي ويا آهن، جنهن سان پختونن جي روايتي پارٽي وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي ۽ ان جي جاءِ جي يوآءِ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو الڳ ٿيل گروپ والاريندو.
حڪومتي اتحاد ۾ هيل تائين جيڪي فيصلا ٿيا يا ٿيڻ وارا آهن، انهن ۾ ن ليگ ۽ پ پ ئي پهرين صفحي تي نظر اچن ٿيون، اهڙي ريت اتحادين کي ٻنهي مک پارٽين جي پٺيان پٺيان هلڻو پئجي رهيو آهي. اتحادين ۾ مولانا فضل الرحمان جا سياسي اسٽيڪس وڌيڪ خطري ۾ آهن. جي يو آءِ لاءِ خطرو ن ليگ ناهي، پر پيپلز پارٽي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي زور لڳايو ته اها ڪي پي ڪي مان ڪجهه سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي، پر مولانا فضل الرحمان کي وڌيڪ نقصان بلوچستان ۾ ٿيندو. جي يو آءِ جو بلوچستان جي پختون بيلٽ ۾ محمود خان اچڪزئي سان مقابلو ٿيندو، باقي بلوچ بيلٽ ۾ پيپلز پارٽي سياسي انويسٽمنٽ ڪئي ته آهي ۽ ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي پنهنجي فولڊ ۾ آندو آهي. پر ان جي باوجود اهي بلوچ اڳواڻ، جن کي شروع کان واڳ ڌڻين جي آشيرواد حاصل رهي آهي، انهن پهريان ته پيپلز پارٽي ڏانهن ڏٺو پئي، پر هاڻ اسٽيٽس ڪو برقرار رکڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا. بلوچستان ۾ جي يو آءِ کي پ پ سياسي نقصان پهچائي سگهي ٿي. ان سان گڏ پنجاب ۾ توڙي جو پ پ وڌيڪ اڳڀري ٿي آهي، پر ان جي باوجود استحڪام پاڪستان سميت جيڪي گروپ ٺهيا آهن، اهي اصل ۾ واڳ ڌڻين جا ٽرمپ ڪارڊ آهن، اسٽيبلشمنٽ هڪ ئي وقت پ پ ۽ ن ليگ سان ان معرفت سوديبازي ڪري سگهي ٿي، پر ان جو دارومدار ان تي آهي ته عوام انهن کي جيڪڏهن رد ڪري ڇڏيو ته سموري صورتحال تبديل ٿي ويندي. ماضي ۾، خاص ڪري پنجاب ۾، سياسي پارٽيون، پوءِ پ پ هجي يا ن ليگ، انهن کي ٽوڙيو ويو ته اهي سمورا اڳواڻ جيڪي انهن گروپن جو حصو هئا ۽ عام چونڊون کٽيندا به هئا، عوام انهن کي عاق ڪري ڇڏيو، انهن ۾ فيصل صالح حيات کان وٺي ڪيترائي اڳواڻ شامل هئا. ن ليگ کي ڇڏيندڙ چوڌري ڀائرن جا حال به سڀني جي سامهون آهن. ان سان گڏ جن پي ٽي آءِ کي ڇڏيو ۽ انهن جي سيٽن تي چونڊون ٿيون، اهي به هارائي ويا. ان مان هي سبق وٺي سگهجي ٿو ته جن پنهنجن مڌر پارٽين سان بيوفائي ڪئي، عوام به انهن کي رد ڪري ڇڏيو. انڪري ڪي پي ڪي ۾ پرويز خٽڪ هجي يا، پنجاب ۾ ترين ۽ ٻيا، انهن جو سياسي مستقبل به سٺو نه هوندو. هي سمورا اهڙا پتا آهن، جن کي اسٽيبلشمنٽ استعمال ڪندي. هينئر ته پي ٽي آءِ جي پنهنجي حالت به رحم جوڳي آهي. انڪري اڪثر فيصلا ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڪرڻا آهن. سنڌ جنهن کي پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي، اتي توڙي جو ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي هڪ پيج تي آندو ويو آهي،پر اهي هينئر به پ پ جو متبادل ناهن. پر واڳ ڌڻي،سنڌ ۾ پنهنجو سياسي تڪ جوڙڻ گهرن ٿا، جنهن لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون وينديون.
هينئر مستقبل جو سيٽ اپ هجي يا ايندڙ حڪومت جي جوڙجڪ سمورا فيصلا دبئي ۾ ٿي رهيا آهن. هي خبرون به آيون آهن ۽ انهن جي ن ليگ تصديق به ڪري ٿي ته مستقبل جي نگران سيٽ اپ جي حوالي سان معاملا طئي ٿي چڪا آهن، بس انهن تي مولانا فضل الرحمان سميت اتحادي کان آڱوٺو لڳرائڻو آهي. دفاع جي وزير خواجا آصف ته تصديق ڪئي آهي ته انهن پ پ سان گڏجي پنج نالا شارٽ لسٽ ڪيا آهن. انهن مان واڳ ڌڻين جا اميدوار ڪيترا آهن، ان بابت ڪوبه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن نگران وزير اعظم جي اميدوارن جا نالا ظاهر ڪيا ويا ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته اهي ڪنهن جا نامزد ٿيل هوندا. ڪي حلقا هينئر به چون ٿا ته ظاهري طور تي ايندڙ سيٽ اپ جي حوالي سان سرگرميون ته سياسي پارٽيون ڪري رهيون آهن، پر واڳ ڌڻي چاهين ٿا ته انهن جو اميدوار قبول ڪيو وڃي. ٻئي مک پارٽيون، اسٽيبلشمنٽ کي خدمت جو موقعو ڏين. هي پارٽيون واڳ ڌڻين جي اميدوارن کي ڪيئن قبول ڪنديون؟ ڇاڪاڻ ته انهن جو سياسي مستقبل ان سيٽ اپ سان جڙيل هوندو. واڳ ڌڻين جي روايتي سوچ هي رهي آهي ته اهي نگران سيٽ اپ هجي يا وفاقي ڪابينا، ان ۾ ٽيڪنوڪريٽس وڌيڪ هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪنهن به وٽ وڃڻو نه هوندو آهي، اهي سياسي جانور گهٽ باقي ٻيو ڪجهه وڌيڪ هوندا آهن.
ن ليگ، جنهن طريقي سان معاملن کي ڏسي رهي آهي،ان تي خاص ڪري نان سويلين قوتون، وڌيڪ ناراض نظر اچن ٿيون. ليگين جو خيال آهي ته واڳ ڌڻين عمران خان کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، انڪري، خاص ڪري پنجاب ۾ انهن لاءِ ميدان صاف آهي.پر هي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته پنجاب، جيڪو جنگ جو اصل ميدان هوندو آهي، اتي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي صفائي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ته هي ميدان آساني سان ن ليگ جي حوالي به ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن ايندڙ چونڊن کان پهريان ميان نواز شريف کي به ڪلين چِٽ نه ملي سگهي ته مريم نواز ۽ ميان شهباز شريف صورتحال کي سنڀالي نه سگهندا. واڳ ڌڻي ته معاملن کي التوا جو شڪار بنائڻ گهرن ٿا، ته جيئن ن ليگ جي سگهه کي گهٽائي سگهجي ۽ ٻين ڌرين کي به خدمت جون موقعو ملي سگهي. جهڙي ريت عمران خان، اقتدار ۾ رهندي، وڌيڪ غير مقبول ٿي ويو هو، ساڳي طرح سان اسڪرين تي ن ليگ نظر اچي ٿي، انڪري جيڪي به عوام دشمن فيصلا ٿيا آهن، انهن ۾ موجوده وزير اعظم جي پارٽي جو حصو وڌيڪ نظر اچي ٿو. عمران خان جيان، غير مقبول فيصلن جي قيمت به ن ليگ کي ادا ڪرڻي آهي. توڙي جو ن ليگ جي قيادت جو بيانيو آهي، ته ان رياست کي بچائڻ لاءِ سياست جي قرباني ڏني، پر ڪا به سياسي پارٽي، ڳري قيمت ادا ڪرڻ کان بچي نه سگهندي. هي قيمت، ن ليگ کي ادا ڪرڻي آهي.
واڳ ڌڻين جيڪا سياسي انويسٽمنٽ ڪئي آهي، ان جو مٺو ڦل کائڻ لاءِ آتا آهن. انڪري خطرو هي آهي ته جيڪڏهن پ پ ۽ ن ليگ مان ڪا هڪ پارٽي وڌيڪ واڳ ڌڻين جي پسنديده ڌر بڻجي وئي ته معاملا خراب به ٿي سگهن ٿا. پر سياسي پنڊت ان راءِ جا آهن ته ممڪن آهي ته ايندڙ نگران سيٽ اپ هجي يا وري نئين حڪومت، واڳ ڌڻي نه چاهيندا ته مک سياسي پارٽيون ناراض هجن، انڪري حڪومتي اتحاد کي برقرار رکڻ جي ڪوشش جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button