ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

کاٻي ڌر جو سياسي بحران

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هن ملڪ ۾ مجموعي طور تي سياست بحرانن جي ور چڙهندي رهي آهي ۽ انهن بحرانن جو الزام يا تنقيد وڌ کان وڌ پارٽين تي ٿيڻ کان وڌيڪ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي ۽ ٻاهرين طاقتن عالمي اسٽيبلشمينٽ ۽ خاص ڪري آمريڪي حڪومتن، حڪمران ٽولن تي ٿيندي رهي آهي اها تنقيد ايتري وڌندي ان نهج تي پهچي چڪي آهي جنهن تي حڪمران طبقي جي سياست ڪندڙ ليڊرشپ پنهنجي تمام ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ يا ان ۾ سڌاري آڻڻ جي بجاءِ الزامن جو سهارو وٺي پاڻ کي بي گناھه ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهي ڪوشش ۾ اهي ڪنهن حد تائين ڪامياب به ويا آهن ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي ته عالمي سامراجي طاقتون پنهنجي استحصال ۽ جبر کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر وقت مفادن جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي ڪمزور ۽ غريب ملڪن ۾ پنهنجون پاليسيون ۽ سازشون ڪنديون رهيون آهن ۽ ڪنديون رهنديون. سياسي پارٽين جو پهريون ڪم اهوئي هوندو آهي ته هو پنهنجي ملڪي مفادن جي مدنظر انهن سازشن جو مقابلو ڪن ۽ پنهنجا پلو يا سياسي پارٽي انهن جي اثر و رسوخ کان ٻاهر ڪڍي پنهنجي سياست کي پنهنجي عوامي طاقت سان مستحڪم ڪن ۽ اڳتي وڌائن ائين ڪرڻ سان لازمن هي ٿيندو ته عوامي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي هو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهنجي خود مختيار حيثيت بحال ڪرڻ جي طاقت عوام کي بڻائيندي ته سياست جي گرفت هنن جي هٿن مان يعني خانداني ۽ مخصوص گروھه جي مفادن کان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ٻاهر نڪري ويندي ۽ اها طاقت عوام کي وڌيڪ صف بند ڪندي.
اهڙي حڪمتِ عملي هو پنهنجي مفاد ۾ نٿا سمجھن تنهن ڪري داخلي ۽ خارجي اسٽيبلشمينٽ ۽ طاقتن سان ڳٺ جوڙ ڪري سياست جي راند هڪ قدم اڳتي ٻه قدم پوئتي چالن سان هلائيندا رهن ٿا. جيڪڏهن هو چاهن ته هن ملڪ ۾ اهائي طبقاتي جمهوريت مضبوط به ٿي سگھي ٿي اها طبقاتي سياست به مضبوط ٿي سگھي ٿي بلڪل ائين ۽ اهڙي طرح هن ملڪ جي کاٻي ڌر جي سياست جو بحران به اهڙي ئي پاليسين جو نتيجو آهي ۽ حڪمتِ عملين جو آئينو آهي جيڪو اسان ڏسي رهيا آهيون.
پاڻ اهو الزام کاٻي ڌر تي نٿا لڳايون ته هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي آلاڪار رهي آهي يا عالمي اسٽيبلشمينٽ ۽ سامراجي سازشن جو ٽول رهيا آهن بيشڪ کاٻي ڌر تي هتان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ رولنگ ڪلاس جو هڪ حد تائين دٻاءُ رهيو آهي ۽ ان دٻاءَ جي نتيجي ۾ ڪنهن حد تائين هنن تشدد به برداشت ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هنن جا ڪجھه اڳواڻ ۽ ڪارڪن قربان ٿيندي وڇڙي به ويا آهن پر بدترين ۽ بي رحم تشدد کاٻي ڌر جي سياست تي ان سطح جو ناهي ٿيو جيترو ٻين ملڪن جي اندر کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽن تي ٿيو آهي انهيءَ جو هڪ ڪارڻ هي به رهيو آهي ته کاٻي ڌر پنهنجي سياسي سگھه ۾ ايتري طاقتور بڻي ناهي جو انهيءَ تي ايترو تشدد ڪرڻ ضروري سمجھو وڃي.
کاٻي ڌر جي سياست جي اڪثريت جو تعلق مڊل ڪلاس ۽ انٽليڪچيل سان رهيو آهي هنن مزدور ۽ پورهيت طبقي سان پنهنجو تعلق پوري گھرائي، سخت محنت ۽ جفاڪشي سان ناهي جوڙيو ۽ نه وري طبقاتي تحريڪن کي مستقل مزاجي سان اڳتي وڌايو آهي مثال پنجاب جي اندر ڪجھه هاري تحريڪون وڌيون پر مطالبن جي حد کان ٻاهر وڌي نه سگھيون ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ سياسي گروهھ بندين جو شڪار ٿي ويون. اهڙي طرح سنڌ جي اندر حيدر بخش جتوئي جو به مثال پاڻ ڏئي سگھون ٿا پر عملي طور تي کاٻي ڌر جي گروھه بندين جو وڏو ڪارڻ مڊل ڪلاسي ڪلچر جو هجڻ ۽ انٽليڪچيل تڪبري بحثن ۾ غرق ٿيڻ ئي رهندو آيو آهي هنن سياسي نظريي تنظيم کي عوام تائين پهچائڻ جي مزدوري ناهي ڪئي ۽ اهوئي بحران هن وقت تائين رهندو پيو اچي مڊل ڪلاسي ڪج بحثي جا رويا ليڊرشپ جي نفيساتي بيماري هنن اهو ناهي ڪيو جيڪو هنن جي سياسي نظرياتي اصولن جي تقاضا آهي ظاهر آهي ته پورهيت سياست جي ۽ انقلاب جي ڳالهھ ڪندي جي مڊل ڪلاسي دائرن ۾ ورهايو ويندو ته انهن جو سياسي بحران نه رڳو اڻٽر اهوئي انهن جو مقدر ٿيندو جيستائين کاٻي ڌر ان بند دائري کي ٽوڙي عوام ۽ پورهيت ڏانهن نه وڌندي تيستائين طاقتور ٿيڻ صرف ۽ صرف هڪ ديواني جو خواب ئي رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button