رانديون

پي سي بي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو

پي سي بي ڀارت ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ شرڪت جي اجازت جي حوالي سان حڪومت کي باقاعدا خط لکي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ اجازت بابت پي سي بي جي خط تي بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ جوڙيل هائي پروفائيل ڪاميٽي سفارشون ترتيب ڏيندي، ڇاڪاڻ تھ معاملي تي اها ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي. هڪ رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي تھ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ٽيم جي ڀارت روانگي بابت اڱاري يا اربع تي بريفنگ بھ وٺندو. هوڏانهن ٽيم ڀارت موڪلڻ بابت رايا ورهايل آهن، پر پي سي بي جو چوڻ آهي تھ ورلڊ ڪپ آئي سي سي جو ايونٽ هجڻ سبب ڀارت وڃڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button