ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام مهانگائي جي سونامي لا تيار رهي

Editorial

عوام کي مهانگائي جي ٻن پڙن ۾ پيهڻ کان پو هي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته عوام تي مهانگائي جو جيترو بار وڌايو ويندو، اهو برداشت ڪري ويندو ۽ حڪومت جيڪي به نوان ٽيڪس آ ايم ايف جي چوڻ تي عوام مٿان مڙهيندي رهندي، عوام ماٺ ميٺ ۾ ادا ڪندو رهندو. مهانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙيندڙ پي ٽي آ حڪومت نه رڳو عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي پر ان عوام لا ساهه کڻڻ به ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. پيٽرول، گئس، بجلي ۽ کاڌي پيتي جي شين جا ڳاٽي ٽُوڙ اگهه وڌائي هاڻوڪي حڪومت هر مهيني مهانگائي مٿان مهانگائي وڌائي رهي آهي. جڏهن ته ماضي ۾ عمران خان پاڻ چوندو هو ته آئون آپگهات ڪندس پر آ ايم ايف وٽ نه ويندس. پر اڄوڪي حڪومت نه رڳو آ ايم ايف جي غلام بڻجي چڪي آهي پر سڀئي معاشي معاملا پي ٽي آ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيا آهن. آ ايم ايف سان ٿيل نئين معاهدي کان پو عوام هڪ ڀيرو وري نئين مهانگائي لا تيار رهي.

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۾ توسيع ٿيل سهولت فنڊ تحت پاليسين ۽ سڌارن جي ڇهين جائزي تي حوالي سان اسٽاف سطح تي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي. آ ايم ايف بورڊ طرفان هڪ ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري کان پهرين اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ واڌ، 350 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سميت پنج اهم شرط پورا ڪرڻا پوندا. حڪومتي ادارن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، حڪومتي ادارن جي صلاحيت، گورننس ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ضرورت آهي، ٽيڪس بيس وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان کي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم فنانسنگ ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ترقياتي بجيٽ به 200 ارب رپيا گهٽائڻي پوندي ۽ گرانٽس ۾ 50 ارب رپين جو ڪٽ لڳندو، ان کان پو پاڪستان کي وڌيڪ هڪ ارب 5 ڪروڙ، 90 لک ڊالرن جي معاونت ملڻ سان گڏوگڏ گهڻ طرفي ۽ ٻه طرفي ڀائيوارن کان مختلف منصوبن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي توسيع سهولت فنڊ تحت پاليسين ۽ سڌارن جي ڇهين جائزي جي حوايل سان اسٽاف سطح تي اتفاق ٿي ويو آهي. خاص طور تي مالياتي ۽ ادارتي سڌارن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ کنيل قدمن کانپوءِ آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ معاهدي جي توثيق ڪندو. جائزي جي تڪميل جي صورت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ هڪ ارب 5 ڪروڙ 90 لک ڊالر جي معاونت ملندي. ان کانسوا پاڪستان کي ٻه طرفي فنڊز ۽ گھڻ طرفي ڀائيوارن کان وڌيڪ فنڊ جي فراهمي جي راهه پڻ هموار ٿيندي. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مشڪل ڳالهين واري ماحول باوجود توسيع ٿيل سهولت فنڊ جي سهڪاري پروگرام تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جون جي آخر تائين بنيادي خسارو ڇڏي سمورن معيارن کي وسيع هدف سان پورو ڪيو ويو، نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري (NSER) اپڊيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ، نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي پارليامينٽ مان منظوري، سمورن التوا ۾ پيل ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو نوٽيفيڪيشن ۽ آ پي پيز کي پهرين ادائيگي شامل آهي.
نئين معاهدي کانپو ملڪ ۾ مهانگائي جي نئين سونامي اچڻ واري آهي. ملڪ ۾ هن وقت به عام ماڻهو جي آمدني بنهه گهٽ آهي، ان کانسوا عوام اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ 300 ارب روپين جا نوان ٽيڪس مڙهيا ويندا ۽ ترقياتي بجيٽ جا 200 ارب گهٽايا ويندا ته ملڪ جو گاڏو ڪيئن هلندو. اها پي ٽي آ حڪومت جي نا اهلي آهي جو اها ملڪي معيشت کي هر ڏينهن تباهه ڪندي پئي وڃي ۽ عوام جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button