ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عقل جو بحران

Editorial-Article-Umer Qazi

تازو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به فراموش نه ڪئي ويندڙ تقريب ۾ چيف جسٽس جي آڏو سينيئر وڪيل علي احمد ڪرد جيڪو ڪجهه چيو، ان جي ڪيترين ئي ڳالهين سان ڪير به اتفاق يا اختلاف رکي سگهي ٿو پر انهن ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه اهڙي به هئي، جنهن سان اختلاف رکڻ جي لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي تمام گهڻي علم ۽ سمجهه سان گڏ ضمير جي به ضرورت درپيش ايندي. ڪرد صاحب جي اها ڳالهه ته خاص شعبي جي لاءِ هئي پر جڏهن ان ڳالهه کي ملڪ جي موجود بحران جي ڪسوٽيءَ تي پرکيان ٿو ته مون کي اها ڳالهه ڪنهن به ريت ۽ ڪٿان به کوٽي محسوس نه ٿئي ٿئي. جڏهن به ڪا آفاقي ڳالهه هوندي آهي، ان جي هڪ سڃاڻ اها هوندي آهي ته اها ڳالهه هر حوالي سان ڪنهن به ڪنهن طرح پوري ايندي آهي. هيءَ ڳالهه به ڪجهه اهڙي هئي. ان ۾ به هڪ قسم جي آفاقيت هئي. اها ڳالهه پنهنجي دور جو مجموعي سچ هئي، ان ڪري ان ڳالهه کي ڪير به آسانيءَ سان رد ڪري نه ٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪرد صاحب جي ڪيترن ئي ڳالهين سان چيف جسٽس سميت ڪيترن ئي ملڪ جي اهم ماڻهن اختلاف رکيو آهي پر هن جي ان ڳالهه کي للڪارڻ وارو هن مهل تائين آڏو اچي نه سگهيو آهي.

علي احمد ڪرد پنهنجي شعلا بيان خطاب ۾ ڪيترن ئي ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه به ڪئي ته ملڪ ۾ “انٽليڪچوئلزم” جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي. هن جي اها ڳالهه واقعي اسان کي ڇرڪ ڀرائي جاڳائڻ جهڙي آهي. ڇو ته جڏهن اسان ان حوالي سان پوري معاشري جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته ملڪ ۾ ڏاهپ جو تمام گهڻو بحران آهي. جيڪڏهن اسان ان ڳالهه کي اڃان به فوڪس ڪريون ته اسان کي اهو به محسوس ٿيندو ته اڪثر بحرانن جو سبب به ڏاهپ يا داناهيءَ جو بحران آهي. هن وقت اسان جو ملڪ گهڻ طرفي بحران جو شڪار آهي ۽ ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جي گهڻن پاسن طرف ڏاهپ جو ڪو به جهڪاءُ ڪونهي. ڏاهپ ان جنس جو نالو آهي، جنهن جو تمام گهڻو قحط پئجي ويو آهي. جنهن شيءَ کي اسان ڏاهپ چئون ٿا، اها صل ۾ ڏاهپ ڪونهي ۽ اها شيءَ حقيقت ۾ چالاڪي آهي. اسان کي چالاڪيءَ ۽ ڏاهپ جي وچ ۾ صرف نظر ايندڙ لڪير ڪڍڻ گهرجي پر انهن ٻنهي شين جي وچ ۾ لڪير ڪڍڻ جي سلسلي ۾ به جيڪا ڏاهپ ۽ داناهي گهرجي، اها موجود ئي ناهي. ان ڪري اسان چالاڪيءَ کي به ڏاهپ سمجهي ويٺا آهيون.

اسان جي معاشري جو اهو الميو آهي ته اسان چرب زبان چالاڪن کي عظيم ڏاهن جو درجو ڏئي دراصل ڏاهپ جي مٿان جيڪو انياءُ ڪيو آهي، اهو تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ڇو ته ڏاهپ يا داناهي تمام وڏي شيءَ هوندي آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ چالاڪيءَ جي ڪا به حيثيت نه آهي ۽ نه هجڻ گهرجي. اسان پنهنجي آس پاس جنهن شيءَ کي ڏسون ٿا، ان جي چمڪ دمڪ سبب اسان جون نظرون دوکو کائي وڃن ٿيون ۽ تاريخ ۾ انسانذات تمام گهڻا دوکا برداشت ڪيا آهن ۽ هن مهل به انهن دوکن جو سلسلو ختم نه ٿيو آهي. اها هڪ تمام عجيب ۽ ڏک ڏيندڙ ڳالهه آهي ته اسان جي ارتقاءَ جو ان پاسي تي ڪو پاڇو نه پيو آهي ۽ ماڻهو ائين هلن ٿا، جيئن ڪوئي بنا منزل جي سفر ڪندو هجي. اها هڪ تمام تڪليف واري صورتحال آهي ۽ ان تڪليف يا ان مشڪل جو اثر پوري معاشري جي مٿان پئجي رهيو آهي. اسان جو پورو معاشرو ان مصيبت جو شڪار آهي. جڏهن به اسان ان مان نجات حاصل ڪئي ته اهو هڪ ڏينهن هڪ بهتر ڏينهن هوندو. ان ڏينهن جا پوري معاشري جي مٿان بهتر اثر پوندا. اسان جو معاشرو بدتريءَ جو ان ڪري به شڪار آهي ته اسان عقل جي عميق کان تمام پري رهون پيا.

داناهي هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن جي ضرورت هر پاسي رهي ٿي پر جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ڪجهه شعبا ته داناهيءَ يا دانشوريءَ کان سواءِ پنهنجي مقصد کي ماڻي ئي نه ٿا سگهن ۽ انهن شعبن ۾ به اسان کي داناهيءَ جي تمام گهڻي کوٽ نظر اچي ٿي. ان جو هڪ مثال ته اسان جو قانون ۽ انصاف وارو شعبو آهي. قانون ۽ انصاف جو واسطو انسان جي تمام وڏي سمجهه سان آهي. جڏهن به اسان جو قانون ۽ انصاف وارو ادارو دانش کان ڪورو ٿي وڃي ٿو ته اسان وٽ رڳو سڪا ۽ ٺوٺ قسم جا اصول ۽ قائدا رهن ٿا. جڏهن ته زندگي ڪائي آلي مٽي ناهي، جنهن کي ڪنهن اصول يا قاعدي جي سانچي ۾ وجهي اهڙو بڻائي سڪائي ڇڏجي. اهو ممڪن ئي ناهي ته اسان قانون ۽ انصاف کي عقل ۽ دانش کان بيگانو بڻائي ڇڏيون. جهڙي طرح زندگي روح کان سواءِ ڪجهه به ناهي، تهڙي طرح قانون ۽ انصاف عقل ۽ دانش کان سواءِ پنهنجو وجود برقرار رکي نه ٿا سگهن.

قانون ته معاشري کي حقيقي طور تي معاشري هجڻ جو درجو فراهم ڪري ٿو. ان ڪري اسان کي ان شعبي ۾ هڪڙا عام قسم جا ماڻهو نه پر اهڙا فرد به گهرجن، جن جي وجود سان هڪ فرق پيدا ٿي سگهي. اهو فرق جيستائين واضح نه ٿيندو، تيستائين ان شعبي مان بحران ختم نه ٿيندو. هن وقت پاڪستان جا اڪثر معاملا قانون ۽ انصاف وٽ رڪيل آهن. اسان جي سياست توڙي اسان جي سرڪار قانون ۽ انصاف سان اکيون ملائڻ جي لاءِ تيار ناهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جي سياست توڙي حڪومت ۾ ڏاهپ جي تمام گهڻي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. ان جي ڪري اسان جي چاهڻ جي باوجود به اها کوٽ ڀرجڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. ڇو ته ڏاهپ يا داناهي صرف حسرت جو نالو ته ناهي. حسرت ته تمام گهڻي ۽ گهڻ رخي آهي پر حسرتن سان ڇا ٿو ٿئي؟ اسان جيستائين پنهنجي وجود کي مٽيءَ مان اڀاري روشني نه ٿا بڻايون تيستائين اسان ان کي ان منزل تائين پهچائي نه ٿا سگهون، جنهن منزل کان پوءِ پٿر به روشني بڻجي ويندو آهي. اسان داناهيءَ جي حوالي سان هڪ تاريڪ دور ۾ رهڻ جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون ۽ اسان وٽ اهڙي ڪا شيءَ ڪونهي، جنهن کي اسان پنهنجي آس ۽ اميد جو روپ چئي سگهون.

هڪ وقت اهڙو هو جو اسان جي قانون ۽ انصاف واري شعبي ۾ اهڙا ماڻهو هئا، جن ماڻهن جا قانون ۽ انصاف جي راهه تي اڄ به پيرن جا نشان موجود آهن. انهن ماڻهن نه صرف مثال قائم ڪيا پر انهن ادارا جوڙيا ۽ انهن ادارن تمام گهڻا اهڙا فرد پيدا ڪيا، جن ادارا ته کڻي نه جوڙيا پر انهن ادارن جو مڪمل طور تي تحفظ ڪيو ۽ اهو ڪم ڪيو، جنهن ڪم کي تاريخ پنهنجي پنن ۾ محفوظ رکيو آهي. اسان وٽ هن مهل تمام گهڻي تيزيءَ سان ويسر جو وهڪرو هلي رهيو آهي ۽ اسان چاهڻ جي باوجود به ان وهڪري ۾ پنهنجي پير کوڙي نه ٿا سگهون. ڇو ته ان وهڪري جي قوت کي روڪڻ جي لاءِ جيڪا جوابي قوت گهرجي، اها قوت صرف ۽ صرف ان صورت ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان وٽ ان درجي جي داناهي يا دانش هجي. جڏهن دانش ۽ داناهيءَ جو خال پيدا ٿي پوندو آهي، تڏهن اسان پنهنجا پير پختي طرح سان وقت جي وهڪري ۾ رکي به نه ٿا سگهون. هن مهل اسان جي حالت تمام گهڻي رحم جوڳي آهي.

تاريخ ۾ انهن قومن کي سرواڻي حاصل رهي آهي، جن صرف هٿن سان نه پر دل ۽ دماغن سان به ڪم ڪيو آهي ۽ جڏهن اسان ان پاسي جي سلسلي ۾ پنهنجي معاشري جي پروڙ وٺون ٿا ته اسان کي تمام گهڻي افسوس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. ڇا اسان اهڙي معاشري مان ڪا اميد رکي سگهون ٿا، جنهن معاشري ۾ اهڙي ڪا شيءَ نه هجي، جيڪا مزاحمت ڪري ۽ جيڪا هڪ نئين متبادل جي طور تي اڀري اچي. اسان هڪ جهڙائپ جي وبا ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. ڇو ته اسان وٽ اهو ڪجهه ناهي، جيڪو ڪجهه هن مهل دنيا کي گهربل آهي. اسان وٽ صرف ماضيءَ جا حوالا ۽ حال جون حسرتون آهن. جڏهن ته ان دور ۾ انهن سان ڪجهه به حاصل ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن اسان پنهنجين حسترن تي کڻي ڪيترو به ماتم ڪريون پر جنهن شيءَ ۾ زندگيءَ جي رواني گهرجي، اها شيءَ صرف ڏک ۽ تڪليف جي بيان سان حاصل ٿي نه ٿي سگهي.

پاڪستان جا مجموعي شعبا تمام گهڻي آزمائش ۾ آيل آهن ۽ انهن جو ڪارڻ به اهوئي آهي ته اسان وٽ هر شعبي ۾ لاڳاپيل داناهيءَ وارن انسانن جي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ اسان اها کوٽ ڀرڻ ۾ تمام گهڻو ناڪام ٿيا آهيون. اسان جڏهن به اها کوٽ ڀري وياسين ته اسان جي لاءِ اهو ڏينهن تاريخ جو سڀاڳو ترين ڏينهن هوندو پر اسان کي هر طرح سان اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سواءِ داناهيءَ جي اسان اها کوٽ ڪنهن به ٻي شيءَ سان پوري ڪري نه ٿا سگهون. اسان ڪنهن به اداڪاري يا مڪاريءَ سان صرف پاڻ کي بيوقوف بڻائي سگهون ٿا پر اسان جيڪڏهن اهو سمجهون ته اسان تاريخ کي به دوکو ڏئي وينداسين ته اها اسان جي ناسمجهي هوندي.

اسان جو اتهاس اهڙين ناڪام ڪوششن جو تمام وڏو رڪارڊ آهي. اسان جي تاريخ ۾ ان ڳالهه جو تذڪرو به موجود آهي ته جڏهن به اسان پنهنجي ملڪ جي داناهه ماڻهن جو قدر ڪيو آهي ۽ انهن جي لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ ۾ ڪو حجاب محسوس نه ڪيو آهي ته اسان کي ان جا تمام گهڻا فائدا به حاصل ٿيا آهن پر جڏهن به اسان عقل ۽ دانش کي پنهنجين چالاڪين سان زخمي ڪيو آهي ۽ ان جا پساهه پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي مٿان تاريخ وڏي تڪليف آندي آهي ۽ هن مهل به اسان تاريخ جي جنهن تڪليف مان گذري رهيا آهيون، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان داناهيءَ ۽ دانش سان دشمني ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button