ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي ڄمار ماڻيندڙ اڳوڻو ڪرڪيٽر رستم ڪوپر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت سان تعلق رکندڙ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر 100 سالن جي عمر ۾ دم ڏنو. رستم ڪوپر 14 ڊسمبر 1922ع ڌاري ممبئي ۾ جنم ورتو، هو ممبئي واري گهر ۾ ئي مئل حالت ۾ مليو آهي، جنهن جو موت قدرتي ڄاڻايو ويو آهي. رستم ڪوپر 1941ع کان 1951ع تائين جي ڪيريئر ۾ 1205 رنسون مڪمل ڪيون. هن 45-1944ع ۾ ڪوپر 52 ۽ 104 رنسون ٺاهي ٽيم کي رانجي ٽرافي بھ کٽرائي. هو ڀارتي فوج ۾ بھ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close