رانديون

ورلڊ جونيئر اسڪواش چميپئن حمزا کي وزيراعظم انعام ڏنو

وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپيئن حمزا خان کي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي روڪ انعام هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا آهن. ايڪسپريس نيوز موجب حمزا خان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ساڻس گڏ والدين پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف حمزا خان کي خصوصي تقريب منعقد ڪري هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا، جنهن تي حمزا خان سندس ٿورو مڃيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف حمزا خان کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ڏهاڪن بعد اوهان اسڪواش ۾ پاڪستان کي چيمپيئن بڻايو، اوهين پاڪستان جو اثاثو آهيو، ڇوتھ قوم کي وڏي خوشي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button