رانديون

پي سي بي پاران ٽاپ ڪرڪيٽرن کي 45 لک رپيا معاوضي جي آڇ

پي سي بي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم، محمد رضوان، شاهين آفريدي سميت ٽاپ ڪرڪيٽرن کي ماهوار پگهار 45 لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ايڪسپريس نيوز جي خبر موجب مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف قومي ڪرڪيٽرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ معاوضي ۾ وڏو اضافو ڪرڻ جي بھ خاطري ڏني آهي، جنهن بعد ذڪا اشرف ون ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ پگهارن کي وڌائڻ جو پلان تيار ڪري ورتو، ان کان اڳ ڪرڪيٽرن کي ٽيسٽ ۾ ساڍا 10 لک، ون ڊي ۾ ساڍا 9 لک رپيا پگهار ڏني ويندي هئي. جڏهن تھ اڳوڻي ڪانٽريڪٽ ۾ في ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٽيسٽ ۾ 8 لک 38530، ون ڊي ۾ 5 لک 15696، ٽي 20 ۾ 3 لک 72 هزار 75 رپيا ڏنا ويا هئا. هوڏانهن رانديگرن کي بھ سندن ڪيٽيگرين تحت ليگ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ اي ڪيٽيگري ۾ هڪ ليگ، بي ۾ ٻھ ليگ ۽ سي ڪيٽيگري ۾ ٽي ليگ کيڏڻ جي اجازت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button