
ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان وٽ هجڻ ۽ هائبرڊ ماڊل جي قبوليت بعد ايونٽ جو پرومو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن کي نمايان ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق پرومو ۾ افغانستان ۽ سريلنڪا کي پڻ چٽي نموني سان ڏيکاريو ويو آهي، ڪرڪيٽ شوقينن ايشيا ڪپ جو پرومو ورلڊ ڪپ جي پرومو کان بهتر قرار ڏنو آهي.