رانديون

جاپان ۽ اسپين ويمن فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ جي لاسٽ 16 جي مقابلن ۾ جاپان ۽ اسپين جون ٽيمون پنهنجي پنهنجي ميچ کٽي ڪوارٽر فائنل ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ لاسٽ 16 مقابلن ۾ سوئٽرزلينڊ اسپين هٿان شڪست کاڌي ۽ ناروي کي جاپان جي ٽيمن شڪست ملي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جاپان 3 گول ڪري فتح ماڻي آهي، سندس مقابلي ۾ ناروي هڪ گول ڪري سگهيو، اهڙي ريت سوئٽرزلينڊ جي هڪ گول جي مقابلي ۾ اسپين 5 گول ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، سندس ايٽانا بولمتي 2 گول ڪري نمايان رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button