پي سي بي پاران ايندڙ هفتي دوران ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ ڊوميسٽڪ اسٽرڪچر جي اعلان جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي تھ پي سي بي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ هفتي دوران ڪيترائي اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان چٽو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ان حوالي سان سفارشون جوڙي اهم فيصلا ڪري ورتا آهن، جن جي منظوري مينيجمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ سليڪشن ڪاميٽي جي جوڙجڪ تي مشورا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪوچز کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، تنهنڪري ڊائريڪٽر ڪنسلٽنٽ مڪي آرٿر ۽ هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊبرن کي پڻ ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو تھ سليڪشن ڪاميٽي جو اعلان پڻ ايندڙ هفتي متوقع آهي، جنهن بعد سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو اعلان ٿيندو، جنهن ۾ معاوضن ۾ 100 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close