رانديون

ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي جو امڪان، ريجنل صدر اڄ طلب

پي سي بي پاران جلد ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي جو امڪان آهي، جنهن تي غور ويچار لاءِ ريجنل صدرن کي اڄ لاهور ۾ اجلاس لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي اختيارين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي تي مشاورت لاءِ 12 چونڊيل ريجنل صدر سڏايا آهن، اجلاس ۾ نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي بابت تجويزون ورتيون وينديون، جنهن جو اعلان ايندڙ هفتي چيئرمين ذڪا اشرف پاران متوقع آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيڪنيڪل ڪرڪيٽ ڪاميٽي جا ميمبر ۽ ڊائريڪٽر آپريشن کي بھ اجلاس ۾ سڏايو ويو آهي تھ جيئن مشاورت مڪمل ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ اجلاس ۾ ريجنل صدرن کي نئين ڊوميسٽڪ ڍانچي تي پريزنٽيشن بھ ڏني ويندي. ياد رهي تھ ذڪا اشرف ڊوميسٽڪ ۽ ريجنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button