سنڌ ۾ هن سال کان جيڪا بدامنيءَ جي باهه ڀڙڪي آهي، سا ختم ٿيڻ جو نالو ڪونه پئي وٺي. قبيلائي تڪرارن کان وٺي برادري تڪرارن تائين عام ماڻهو ان باهه جو کاڄ ٿي رهيا آهن. نتيجي ۾ هڪ پاسي سنڌ جو امن داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻئي پاسي شهري بنهه غيرمحفوظ لڳا پيا آهن. پر نه ته ان صورتحال کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنٽرول ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نتيجي ۾ جتان ڪٿان ماڻهو ئي مري رهيا آهن. ڇا سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اهڙي رهڻي آهي، جهڙي اسان کي هن وقت نظر اچي رهي آهي. ڪالهه به هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب شڪارپور ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.
شڪارپور جي ڪچي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو. ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فائرنگ سبب علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ وڃڻ بدران فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. مدئجي ويجهو جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ فائرنگ سبب سمورو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جوڻيجا برادريءَ جو نوجوان 44 ورهين جو عبدالمجيد جوڻيجو مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا حسين بخش عرف ڏاڏو ۽ وحيد جوڻيجو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جا 7 ڄڻا گولين جو بک بڻجي ويا. واقعي جي اطلاع باوجود ڊي ايس پي تاجوديرو سيد وريل شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس مدئجي اسٽيشن ويجهو جهلي بند تي بيهي فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. ڪچي ۾ پاڻي هجڻ سبب مقتولن جي وارثن ٻيڙين ذريعي لاش کڻائي جهلي بند تي پهچايا، جتان پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال مدئجي منتقل ڪيا. ڊي ايس پي تاجوديرو سيد وريل شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ٻنهي ڌرين وچ ۾ جاري پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ جوڻيجا ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جا 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿيا آهن.
ڇا سنڌ اڃا لاش کڻي کڻي ٿڪي ناهي يا سنڌ کي اڃا به اهڙن جهيڙن جي ڪري لاش ڍوئڻا آهن. هي صورتحال بنهه خراب آهي، جنهن جو ڪڏهن نه ڪڏهن انت اچڻ گهرجي پر ڇا پوليس ۽ سنڌ حڪومت ايترا بيوس آهن، جو اهي سنڌ ۾ بدامنيءَ جو خاتمو نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي انهن عنصرن کي سوگهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو امن هر قيمت تي بحال رکيو وڃي. برادري ۽ قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ پوليس کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.