اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ تي ٻڏتر جو شڪار

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي نئين آدمشماري سان پيدا صورتحال تي ٻه اجلاس ٿيا جيڪي بنا نتيجي رهيا. اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ تي ٻڏتر جو شڪار آهي. ذريعن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ليگل ٽيم آرٽيڪل 51 پنج تحت نئين تڪبندين جي گهرجن کان آگاهه ڪيو. ليگل ٽيم پاران راءِ ڏني وئي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو انتظار ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن اهو به ڏسڻ چاهي پيو ته صدر چوندن جي تاريخ جو اعلان ڪندو يا نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button