اسلام آبادپاڪستان

ملڪي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا:صدر

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هر سال 11 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ اقليتن جي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو، اڄ ان موقعي تي آئون قوم جي تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان ملڪي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي پاڪستان جي آئين ۾ ضمانت ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن، آئين سمورن شهرين کي انهن جي مذهبي عقيدين يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. هن چيو ته بحيثيت مسلمان اسان اسلام جي انهن تعليمات کان متاثر آهيون جيڪي اسان کي هڪ مستحڪم معاشري ۾ هم آهنگي ۽ اتحاد جي جذبي جي فروغ لاءِ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏين ٿيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، جن ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ انهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ شاگردن کي انهن جي تعليمي سرگرمين ۾ مدد ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ جي لاءِ گرانٽس، مالي امداد ۽ اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button