اسلام آبادپاڪستان

نگران حڪومت جي اچڻ تائين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳي وئي

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ کانپوءِ وفاقي سطح تي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙي ڇڏي آهي، نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جلد جوڙي ويندي. هن چيو ته اسان جي ڄاڻ ۾ آيو آهي ته مختلف ڊويزنون، وزارتون، کاتا ۽ ادارا وڏي پيماني تي بدلين ۽ پوسٽنگ جي تياري ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن سفارش ڪري ٿو ته نگران سيٽ اپ جي قيام تائين هر قسم جون بدليون ۽ پوسٽنگون روڪيون وڃن. خط ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت جي قيام کانپوءِ قانون ۽ پاليسي موجب ٽرانسفر پوسٽنگ ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ٽوڙي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button