اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ نگران وزيراعظم بابت اتفاق نه ٿيو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ ڪالهه ٿيندڙ مشاورتي ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي. ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي پر اڃا تائين ڪنهن نالي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو، فيصلو ٿيو آهي ته اڄ وري هڪ ويهڪ ٿيندي. هوڏانهن وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور ٿيو، فيصلو ڪيو ويو آهي ته قومي معاملي تي وڌيڪ سوچ ويچار کانپوءِ اڄ 11 آگسٽ تي ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي. پڌرائيءَ موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ مشاورت بابت ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جا نالا تجويز ڪيا آهن. جڏهن ته ٻين نالن ۾ صادق سنجراڻي، حفيظ شيخ، ميان محمد سومرو، فواد حسن فواد شامل آهن. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جڏهن سائفر جو معاملو سامهون آيو ته موجوده پرڏيهي سيڪريٽري ان وقت آمريڪا ۾ اسان جو سفير هو، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ان جي ڊونلڊ لو سان ملاقات ٿي، گفتگو ۾ سازش جو پري پري تائين ذڪر نه هو. هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان خلاف ڪا پرڏيهي سازش ناهي ٿي، تحريڪ انصاف چيئرمين جي ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪيون؟ ان ڳالهه تي ته آمريڪا سازش ڪئي يا نه ڪئي، هو ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪوڙو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو سائفر ڊرامو هڪ وڏو ڏوهه هو، تحريڪ انصاف حڪومت سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مجرماڻي ڪوشش ڪئي، سعودي حڪومت خلاف هڪ بلاڪ ٺاهي ان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. واضح رهي ته آمريڪي ويب سائيٽ دي انٽرسيپٽ سائفر جي متن کي شايع ڪندي خبر ۾ لکيو ته ان سائفر سان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت ڪيرائڻ پويان آمريڪي دٻاءُ نظر اچي ٿو، ڇو ته آمريڪي سفارتڪار اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته سڀ ڪجهه معاف ڪيو ويندو. آمريڪي ويب سائيٽ جي رپورٽ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو حوالو ڏنو، جيڪي سائفر تڪرار تي ٿيا هئا. سندس موجب هڪ ملاقات ۾ اڳوڻي سفير پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد واضح طور تي چيو ته ڊونلڊ لو سان ملاقات ۾ ڪنهن سازش تي ڳالهه نه ٿي پر آمريڪي ويب سائيٽ تي شايع سائفر جو مواد اچ آهي ته اهو هڪ وڏو ڏوهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button