پاڪستانسنڌ

نيوڇور ۾ پوليس جو ڇاپو، ننڍي عمر جي ڪنوار هٿ، گهوٽ گرفتار

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ وومين پوليس نيوڇور ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري عائشا پٺاڻ کي بازياب ڪرائي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته نڪاح پڙهائيندڙ مولوي عبدالحفيظ ۽ سھولتڪارن دين محمد ساند ۽ قادر بخش نھڙي کي جوابدار نامزد ڪري چائلڊ ميريج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تحت سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف پوليس گھوٽ ۽ ننڍي عمر جي ڪنوار عائشه کي ڳوٺ حويلي مان ھٿ ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي. ان حوالي سان ايس ايڇ او وومين مھناز اعواڻ جو چوڻ آھي ته ڇوڪري جي عمر 14 يا 15 سال آھي، چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button