رانديون

پي سي بي ۽ ريجنل صدرن ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سڌارن تي اتفاق

پي سي بي ۽ ريجنل صدرن ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سڌارن تي اتفاق ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ۽ ملڪ جي ريجنز جي صدر ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران ڪرڪيٽ ڪاميٽي جا مصباح الحق، محمد حفيظ، ڊائريڪٽر آپريشن ۽ ٻيا پي سي بي عملدار شريڪ ٿيا، جنهن ۾ ذڪا اشرف، ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ريجنل صدرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ ريجنز صدرن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سڌارن وارين پي سي بي جي تجويزن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو آهي ۽ ان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ملاقات ۾ مصباح الحق ۽ محمد حفيظ بھ ريجنز صدرن کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ کين رانديگرن جي ڊولپمينٽ بابت بھ اعتماد ۾ ورتو آهي. ذڪا اشرف جو چوڻ هو تھ اميد آهي تھ هاڻ اسين سڀ پنهنجي ڪرڪيٽ جي اسٽارز جو عروج ڏسنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button