رانديون

پاڪستان ويمن فٽبالر ماريا خان جو سعودي ڪلب سان معاهدو

پاڪستان جي قومي فٽبال ٽيم جي ڪپتان ماريا خان سعودي ڪلب سان معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سعودي ڪلب سان معاهدي جي ماريا خان پاڻ بھ تصديق ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ماريا خان ايسٽرن فليمز ڪلب سان معاهدو ڪيو آهي، جنهن سان گڏ اها سعودي پروفيشنل ليگ ۾ حصو وٺندي. جڏهن تھ ماريا خان سعودي پرفيشنل ليگ کيڏندڙ پهرين پاڪستاني عورت فٽبالر جو اعزاز حاصل ڪندي. ايسٽرن فليمز جو چوڻ آهي تھ ماريا خان سان معاهدي جو مقصد پرفيشنل ليگ لاءِ مضبوط ٽيم کي تيار ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button