لاهور ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي نيشنل هاڪي اسٽيڊيم جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي تيار ڪرڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، پر وزيراعظم شهباز شريف افتتاح نھ ڪيو، ڇاڪاڻ تھ سندس حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ جلد نگران سيٽ اپ اقتدار سنڀالي وٺندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پنجاب جي صوبائي اختيارين جي رٿا تحت نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ آسٽروف وڇائجي ويو، ان جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا، پر آگسٽ ۾ رٿيل افتتاح نھ ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ تھ حڪومت جا آخري ڏينهن ۽ مصروفيتن سبب وزيراعظم افتتاح لاءِ ئي نھ اچي سگهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close