پي سي بي پاران ميڊيا رائٽس جي مد ۾ 8 کان 10 ارب رپين جي آمدني ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس ماضي ۾ وڪرو ڪندي رهي آهي، پر هن سال ان ڏس ۾ پاليسي واضع نھ ٿي سگهي آهي، هوڏانهن پروڊڪشن حق حاصل ڪرڻ جي مد ۾ پڻ ٻھ ڪمپنيون سرگرم آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ميڊيا رائٽس ۽ پروڊڪشن حق جي وڪرو واري پاليسي اڃا تائين چٽي ناهي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ماضي ۾ ان لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا ويندا هئا، جن جي مقرري بابت اڃا ڪا ڳالهه طئي ناهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close