پي سي بي پاران ڪرڪيٽ جي تاريخ تي تيار ڪيل هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن سبب مٿس ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي وڊيو تي ٿيندڙ تنقيد جو سبب پاڪستان کي 1992ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽرائي ڏيندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو ذڪر گم ڪيو ويو آهي. تنقيد ڪندڙن ۾ عروج ممتاز چيو تھ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 1992ع ۾ کٽيل ورلڊ ڪپ جون 11 تصويرون آهن، پر انهن ۾ اهو عظيم رانديگر ناهي، جنهن ملڪ لاءِ کيڏيو ۽ اهو اعزاز ڏياريو. هن چيو تھ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ عمران خان عظيم ڪرڪيٽر طور سدائين ياد رکيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close