پاڪستان جا ڪجهه سياستدان نگران سيٽ جا حامي نه آهن. انهن جو خيال آهي ته ان قسم جي روايت صرف هن رياست ۾ آهي. اها رياست جنهن کي هن مهل تائين جمهوريت راس نه آئي آهي. اهو ملڪ جنهن جي مٽيءَ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پنهنجي جڙ پڪڙي نه سگهيو آهي. اهو ملڪ جيڪو ڪيتري وقت تائين اسٽيبلشمينٽ جي سڌي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو آهي. جڏهن ته باقي وقت جي باري ۾ ڪجهه چوڻ اجايو آهي. ڇو ته ان سلسلي ۾ اسان توهان کي هر حقيقت معلوم آهي.
پاڪستان ۾ جڏهن به ڪا نگران حڪومت آئي آهي، تڏهن انهن شخصيتن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، جن جي زندگيءَ جو ڏيئو وسامڻ وارو هوندو آهي ۽ انهن کي اقتدار کي طول ڏيڻ جي خواهش گهٽ ۽ خدا جو خوف وڌيڪ هوندو آهي. ان صورتحال ۾ هلندڙ سيٽ اپ جو رخ رواج اهڙو هوندو آهي جو ان کي لازمي طور تي پنهنجو مدو پورو ڪري حڪومت ان ڌر جي حوالي ڪرڻي پوندي آهي، جنهن کي چونڊن ۾ وڌيڪ ووٽ ملندا آهن. اهڙي ريت هڪ صاف ۽ شفاف مرحلو پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو آهي. ان باري ۾ ڪنهن کي ڪا شڪايت به نه هوندي آهي، باقي چونڊن جا نتيجا نه مڃڻ واري روايت ته پاڪستان جي سياست ۾ تمام گهڻي پراڻي آهي. بهرحال جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي، پر اهو معاملو سڌو سنئون هڪ نئين حڪومت جي پاسي ويندو آهي. جڏهن ته اسان کي هن مهل ڪجهه به معلوم نه آهي ته هاڻي جيڪو نگران سيٽ اپ جوڙيو ويو آهي، اهو صرف نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو آهي يا ان جا ڪي ٻيا مقصد به سوچيا ويا آهن. ڇو ته هن وقت پاڪستان جي مجبور ميڊيا به اهو آواز دٻائي نه ٿي سگهي، جنهن ۾ هو بار بار ورجائي رهي آهي ته هن کي هي معاملو ٽن مهينن تائين محدود ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان حوالي اهم خدشا اهي آهن ته هي سيٽ اپ ڪجهه يا وڌيڪ وقت وٺندو ۽ ملڪ ۾ جيڪا سياسي ۽ معاشي صورتحال موجود آهي، ان کي متاثر ڪرڻ ۽ پنهنجا مقصد ماڻڻ تائين هن سيٽ اپ کي قائم رکيو ويندو. پر ان سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته اهڙي سيٽ اپ کي ڪير هلائيندو؟ جڏهن ته ملڪي آئين ۾ ان سيٽ اپ جو مقرر مدو موجود آهي. جيڪڏهن هي سيٽ اپ يعني نگران حڪومت جو سرشتو آئين جي حڪم مطابق وجود ۾ آيو آهي ته پوءِ هن کي آئين جي حڪم مطابق ئي ختم ٿيڻ گهرجي. پر پاڪستان جي سلسلي ۾ جڏهن ان قسم جون ڳالهيون ٿينديون آهن ته باذوق انسانن کي هڪ عجيب قسم جي بي خوديءَ ۾ مرزا غالب جو اهو شعر ياد اچي ويندو آهي:
”هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي
بهت نڪلي ميري ارمان ليڪن پهر بهي ڪم نڪلي“
پاڪستان جي حوالي سان ته انهن کي اها به شڪايت آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوامي راڄ چاهيندڙن کي ”ڪجهه به نه“ مليو آهي. ڇو ته اسان پاڪستان جي سياسي سفر تي نظر وجهنداسين ته هيءَ اها گاڏي نظر ايندي، جيڪا اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڌڪبي وڃي ٿي.
ڇا اها حقيقت ناهي ته جيڪي به معاملا خاص طور تي جمهوريت ۽ سياسي پارٽين جي سلسلي ۾ جيڪي به اصول ۽ قائدا هئا، انهن جي جهڙي ريت ڀينگ ڪئي وئي آهي، ان جو مثال اسان کي پنهنجي ان سياسي ماضيءَ ۾ نه ٿو ملي، جنهن ماضيءَ جي حوالي سان اسان ايترا گهڻا خوش به نه آهيون. پر وري به اها ڳالهه ان اردو شعر جهڙي آهي، جنهن ۾ هڪ شاعر شڪايت ڪندي چوي ٿو:
”اب تو اتني بهي نهين ملتي هي، مئخاني مين
جتني هم چهوڙ ديا ڪرتي تهي، پئماني مين“
جڏهن ته اصولي طور تي اسان کي ان شعر تي به اعتراض آهي. ڇو ته اهو رند ئي ڪهڙو؟ جيڪو پنهنجي پئماني ۾ ڪجهه ڇڏي نڪري! رند ته آخري ڍڪ تائين پنهنجي مئخاني ۽ پنهنجي مئڪدي ۾ موجود رهندو آهي. پر پاڪستان جي سلسلي ۾ اسان ڪجهه به چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون. ڇو ته پاڪستان ان حوالي سان به تمام گهڻي شهرت رکندڙ ملڪ آهي ته هتي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري پاڪستان جي باري ۾ ڪو به سياسي پنڊت آسانيءَ سان پيشن گوئي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو آهي. هن وقت جي صورتحال به اهڙي ئي آهي. جيڪڏهن صورتحال ۾ ڪو فرق پيدا ٿيو هجي ها ته ڇا پاڪستان ۾ اهڙو نگران سيٽ اپ اچي ها؟
ملڪ جي موجود نگران سيٽ مٿين تجزئي جو تمام بهترين مثال پيش ڪري رهيو آهي، ڇو ته هن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو پاڪستان جي سياسي صورتحال ۾ نه صرف بلڪل به نئون آهي پر ان سان تمام گهڻي بي يقيني پيدا ٿي آهي. جڏهن ته هن مهل تائين پوري ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ ان طرح سان جڙيو ئي ناهي. هن وقت تائين ملڪ کي وفاقي سطح تي انوارالحق ڪاڪڙ جي صورت ۾ نگران وزير اعظم مليو آهي. ان هن وقت تائين نه ته پنهنجي ٽيم جوڙي آهي ۽ نه وري هن قوم کي خطاب ڪندي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هن جي ايجنڊا ڇا آهي؟
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ نالي تي متفق ٿيا آهن. جڏهن اهو نالو به سياسي ۽ صحافتي حلقن کي ائين حيران ڪري ويو، جيئن وفاقي حڪومت هلائڻ جي لاءِ انوارالحق جو نالو! ڇو ته پاڪستان جي باخبر صحافين کي به اهو معلوم نه هوته هن ملڪ ۾ اهڙي شخصيت موجود آهي، جنهن جي ڪلهن مٿان معاشي ۽ سياسي بحران ۾ مبتلا ملڪ هلائڻ جي ذميواري رکي سگهجي ٿي. ملڪ جا باقي صحافي ته هڪ طرف پر بلوچستان جي سياسي ۽ صحافتي حلقن کي به اها پروڙ نه هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ جڏهن پاڙي کي پروڙ نه هجي ته پوءِ شهر ۽ ملڪ جي سلسلي ۾ ڇا چئي سگهجي ٿو؟
دنيا ۾ تمام گهڻا مثال موجود آهن. دنيا ۾ تمام گهڻا تجربا به ٿيا آهن. پر جيترن تلخ تجربن سان اسان جو ملڪ گذريو آهي، ايترا تجربا ڪنهن به ملڪ جي مقدر جو حصو نه بڻيا آهن. اهوئي سبب آهي ته اسان وٽ هن مهل تائين صرف ۽ صرف تجربن جي لمبي لسٽ موجود آهي ۽ انهن تجربن جا نتيجا ڪڏهن به ملڪ ۽ عوام جي حق ۾ نڪرندا نظر نه آيا آهن. هن ڀيري جا تجربا ڪجهه اهڙا آهن. ڇو ته هن تجربي کان اڳ ۾ پاڪستان جي مٿان اهڙي ڪفيت نه آئي هئي جو هن کي ان سيٽ اپ ۾ سوڙهو ڪيو وڃي، جنهن جي باري ۾ معلوم نه هجي ته هن کي ان سيٽ اپ ۾ ڪيترو وقت رهڻو آهي؟ جڏهن ته دنيا جي هر ملڪ ۽ ماڻهوءَ کي جڏهن به جنهن جاءِ تي ڪنهن خاص مقصد جي سلسلي ۾ مقرر ڪيو ويندو آهي ته هن کي مدي جي سلسلي ۾ معلومات ڏني ويندي آهي. اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن کي هن جمهوري سيٽ اپ ۾ اهو بنيادي حق به حاصل نه آهي.