پاڪستانسنڌ

راڻيپور واقعو: ٻارڙي جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ واري وڊيو وائرل، پير اسد شاهه گرفتار

خانواهڻ: خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي رهواسي پورهيت نديم علي ڦرڙو جي ڌي فاطما ڦرڙو جي پراسرار موت نئون رخ اختيار ڪري ورتو. ان حوالي سان فوت ٿيل ٻارڙي جي ما شبانا ڦرڙو ٻڌايو ته راڻيپور جي بااثر پيراڻي گادي جي فرد وٽ اسان جون 3 نينگريون قيد ٿيل هيون، انهن جي جان کي خطرو هو ۽ بااثر شخص ڌمڪيون ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن فاطما جي قتل بابت آواز اٿاريو ته ٽنهي نينگرين کي قتل ڪري ڇڏيندس، جنهن ڪري اسان خوف ۾ قتل ڪيس داخل نه ڪرايو آهي. ٻئي طرف ٻارڙي جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن جو ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جنهن کان پو ايس ايس پي روحيل کوسو ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل ٻارڙي فاطما ڦرڙو جي گهر پهتو ۽ سندس ما شبانا ڦرڙو کان تفصيل ورتا. ان موقعي تي ايس ايس پي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري جا قاتل ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف راڻيپور پوليس تشدد ڪندڙ جوابدار پير اسد علي شاهه کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر جي هدايت تي راڻيپور جي ايس ايڇ او امير علي چانگ کي معطل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button