اسلام آبادپاڪستان

نئين آدمشماري بابت سي سي آئي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد :گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) پاران نئين آدمشماري جي منظوري ڏيڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن نئين تڪبندين تي چونڊن خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي نگران وڏن وزيرن 5 آگسٽ تي سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ جاري نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن جي تاريخ جو فوري اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر عابد زبيري گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ 5 آگسٽ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، هو پنهنجا اختيار استعمال نٿا ڪري سگهن. نگران وڏو وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي اهل ناهي. نگران حڪومتن جو ڪم آئين ۽ قانون موجب چونڊون ڪرائڻ هوندو آهي، ٻن صوبائي اسيمبلين جي ٽوڙڻ کانپوءِ صدر گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ٻيهر قائم نه ڪري سگهيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن ۾ دير آئين کي سبوتاز ڪرڻ جي مترادف آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا نگران وڏا وزير 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن آئين تحت ٻيهر تڪ بندين جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ايڪٽ تحت عمل شروع نه ٿو ٿي سگهي، نئين آدمشماري جي نوٽيفڪيشن جو مقصد اليڪشن ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته نئين تڪبندين ۾ 4 مهينا لڳندا، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اهو به چيو آهي ته نئين تڪبندين کانپوءِ هو گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن جو اليڪشن پروگرام جاري ڪندو، اهڙو ئي بيان اڳوڻي قانون واري وزير نذير تارڙ به ڏنو آهي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو آهي. ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خط لکي شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ آئين جي مڪمل تباهي جي ڪناري تي آهي. رياستي ادارن کي آئين موجب هلائڻ بدران اڳوڻي حڪومت پاڻ کي پوزيشن ۽ احتساب کان بچائڻ لاءِ هڪ کان پوءِ ٻيو حربو استعمال ڪيو، جنهن رياست جي بنيادن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. شاهه محمود چيو ته اڳوڻن حڪمرانن تحريڪ انصاف کي چونڊن جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪرڻ جي نيت سان رياستي ادارن کي آزاديءَ سان استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ انتهائي افسوسناڪ ۽ غير انساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي، جيل ۾ ساڻس جيڪو سلوڪ ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به ملڪ جي انتظامي ۽ عدالتي نظام تي بدنما داغ آهي، عمران خان کي بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ جيل جي ضابطن جي مطابق فوري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار آهن، عدالتن جي آئيني حڪمن جي توهين ڪئي پئي وڃي، ملڪ کي ٻيهر آئين ۽ قانون جي رستي تي هلڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته آئين وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ٿو، تنهن ڪري اسان جو مطالبو آهي ته چونڊون بروقت ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button