اسلام آبادپاڪستان

جڙانوالا ۾ 4 گرجاگهرن تي حملا،گاڏين کي باهيون/وزيراعظم طرفان ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد/فيصل آباد :پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ توهين جي مبينا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسيٰ نگري ۾ عيسائي برادري جي 4 گرجا گهرن، درجنين گهرن، گاڏين ۽ سامان کي ساڙي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جو چوڻ آهي ته جڑڙانوالا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. شهر ۾ امن امان جي مڪمل بحالي ۽ صورتحال معمول تي اچڻ تائين قلم 144 لاڳو رهندو. عيسيٰ نگري ۾ سالويشن آرمي چرچ، يونائيٽيڊ پريس بيپٽسٽ چرچ ۽ شهرون والا چرچ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، پوليس سيڪشن 295 (بي) ۽ 295 (سي) تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي.ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. نگران وزيراعظم واقعي جي مذمت ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جڙاوانوالا سانحي جي منظرن حيران ڪري ڇڏيو آهي، اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. پنهنجي هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت سمورن پاڪستانين کي برابر جو تحفظ فراهم ڪندي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ ٻين واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن واقعي جو ٻڌي افسوس ٿيو. پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو ته انتظاميا اقليتن ۽ سندن عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته عبادتگاهن جي تقدس جي پائمالي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. جڏهن ته مريم نواز چيو ته مذهبن ۽ عبادتگاهن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، جڙانوالا ۾ پرتشدد واقعن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته جڑڙانوالا ۾ بزدلاڻو واقعو سوچي سمجهي سازش تحت ڪيو ويو، سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڏي انگ کي مقرر ڪيو ويو آهي، 6 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ رينجرز متاثر علائقن ۾ موجود آهن. عامر مير چيو ته اڄ جي واقعن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. وڏي وزير جي هدايت تي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب جڙانوالا پهچي ويا آهن، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي مسلسل صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهن، امن امان برقرار رکيو ويو آهي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي افسوسناڪ واقعي جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس فوري گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪل مسالڪ علماءِ بورڊ جي چيئرمين مولانا عاصم مخدوم چيو آهي ته عبادتگاهن کي ساڙڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. آرچ بشپ سبسٽين فرانسس چيو ته جن قرآن پاڪ جي توهين ڪئي ۽ گرجا گهرن تي حملا ڪيا، انهن سڀني کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي آباد ڪرڻو پوندو ۽ گڏجي رهڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button