شوبز

هي جناح جو پاڪستان ناهي، شوبز ستارا گرجا گهرن ۾ حملن تي مايوس

پاڪستان جي شوبز ستارن پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ مبينا توهين مذهب جي واقعي بعد هجوم پاران گرجا گهرن تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ انهن کي باهيون ڏيڻ وارن واقعن تي شوبز ستارن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي ۽ انهن چيو آهي تھ هي جناح جو پاڪستان ناهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني اداڪارن ماهرا خان، سجل. ازيڪا ڊينيئل، شهزاد رائي، ناديا جميل ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪندي گرجا گهرن تي حملن جي مذمت ڪئي آهي. اداڪارا ماهرا خان جو چوڻ هو تھ هنن واقعن تي اسان کي شرم اچڻ گهرجي.

فيصل آباد ۾ ساڙيل گرجا گهر جو منظر

ناديا جميل چيو تھ حملا ڪندڙ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، انهن کي پڪڙي بند ڪيو وڃي. راڳي شهزاد رائي چيو تھ گرجا گهرن تي حملن ۾ ملوث ماڻهو گرفتار ڪيا وڃن. ازيڪا ڊينيئل جو چوڻ هو تھ هي جناح جو پاڪستان ناهي، اسان کي مسيحي برادري سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڳالهائڻ گهرجي. سجل علي چيو تھ ڪنهن بھ مذهب ۾ تشدد جي گنجائش ناهي، مان اقليتن تي تشدد جي مذمت ڪيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button