ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ لاءِ پريشان جاتيءَ جا آبادگار

Editorial

سنڌ ۾ سٺيون برساتون پوڻ کان پوءِ به پاڻيءَ جي کوٽ موجود آهي. سنڌ ۾ جيڪو پاڻي دستياب آهي، ان جي ورڇ به منصفاڻِي نموني نٿي ڪئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو آبادگار پريشانيءَ کي منهن ڏين ٿا پر انهن جو معاشي قتلام به جاري آهي. جڏهن اهي پنهنجا فصل وقت سر نٿا پوکي سگهن ته انهن کي معاشي نقصان هر حال ۾ ٿئي ٿو. ان نقصان جو پوراءُ تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهن کي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي ملي سگهي. جاتيءَ ۾ گذريل ڪيتري وقت کان صورتحال خراب آهي. اهڙي صورتحال هوندي به آبپاشي کاتو ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.
جاتيءَ جي ساحلي پٽي ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبپاشي آفيس سجاول آڏو ڌرڻو ھڻڻ کان اڳ سوين آبادگارن حسيني چوڪ کان زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي. جيڪا مين روڊ جو گشت ڪندي لينڊا واھه چوڪ پھتي. جتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدارن ۽ بااثر زميندارن جي ملي ڀڳت سان شيرخان ريگيوليٽر کان ساحلي پٽي تائين پاڻي مھيا ڪندڙ ٽنگو مائينر، جاتي مائينر، شير خان نالي جي منڍ کان غيرقانوني لفٽر مشينون ۽ ڪٽ ھڻي پوڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته اسان برسات سٽيل غريب آبادگارن قرض کڻي ھزارين ايڪڙن تي ساريالو ٻيجو پوکيو آھي، جنھن کي وقت تي پاڻي نه ملڻ ڪري سڙڻ لڳو آھي. ٻيو ته ريگيوليٽر تي مقرر ڪيل سياسي سفارشي بيلدار منڍ جي آبادگارن کان پئسا وٺي پوڇڙ جو پاڻي وڪڻي رھيو آھي. ھنن چيو ته اڄ آبپاشي آفيس سجاول آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. جيڪو مطالبو نه مڃڻ تائين جاري رھندو، جنھن کانپوءِ آبادگارن جو گاڏين تي قافلو سجاول روانو ٿيو. ٻئي پاسي ڪڪڙ ويجهو مها ٻوڏ ۾ زبون حال ٿي ڪري پيل ڪاري موري هڪ سال گذرڻ باوجود انتظاميا بحال ڪري جوهي بئراج جو زرعي پاڻي وهائي نه سگهي، جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقن جون هزارين ايڪڙ زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر بڻجي ويون. انتظاميا جا پاڻي وهائڻ جا آبادگارن کي ٺلها آسرا ملڻ لڳا، آبادگارن ڪاري موري وٽ پهچي احتجاج ڪندي چيو ته اڄ انتظاميا پاران عارضي ٺاهيل ڪاري موريءَ تان پاڻي وهائڻ جو وعدو ڪيو ويو هو، جنهن تي اسين هتي پهتا آهيون پر هتي ڪاريءَ وارا ڪک آھن. انتظاميا نالي ڪا شيءِ ناهي، اسان وٽ هڪ سال کان پاڻي ناهي جنهن سبب اسين آبادگار سخت مشڪلاتن جو شڪار آھيون ۽ اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، هنن چتا ڏنو ته پاڻي ڪاري موريءَ کان نه وهايو ويو ته اڄ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي هڻي روڊ بند ڪنداسين، جنهن جا ذميوار آبپاشي عملدار هوندا.
ٻنهي رپورٽن ۾ مسئلا الڳ نوعيت جا آهن پر ان جو متاثر آبادگار آهن. ها عجيب ڳالهه آهي ته لاڳاپيل اداري کان هڪ موري نٿي ٺهي، جنهن ۾ ايترو وقت لڳي ويو آهي. هڪ سال ڪو گهٽ عرصو ڪونهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي هر آبادگار جو اهو حق آهي ته ان کي وقت سر پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ جي جن شاخن ۾ پاڻي ڪونهي، اتي پاڻيءَ جي رسائيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجا فصل پوکي معاشي بدحاليءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button