پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جا دستياب رانديگر افغانستان خلاف سيريز کيڏڻ لاءِ لاهور کان سريلنڪا پهچي ويا آهن، باقي رانديگر ٽيم کي اتي ئي جوائن ڪندا. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ دستياب ڪرڪيٽر محمد رضوان، شاهين آفريدي، حارث رئوف، طيب طاهر لاهور مان ڪولمبو پهچي ويا آهن. جڏهن تھ اساما مير ۽ شاداب لنڊن مان سڌو ڪولمبو پهچندا. اهڙي ريت لنڪا پريميئر ليگ لاءِ ڪولمبو ۾ موجود ڪپتان بابراعظم، نسيم شاهه، افتخار احمد، محمد نواز، محمد حارث ۽ فخر الزمان قومي ٽيم کي اتي ئي جوائن ڪري وٺندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ افغانستان خلاف اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر اڄ کان ئي ڪولمبو ۾ پريڪٽس شروع ڪندا. جڏهن تھ افغانستان خلاف پهريون ون ڊي 22 آگسٽ تي ٿيندو، ٻيو ون ڊي 24 ۽ آخري ون ڊي 26 آگسٽ تي کيڏيو ويندو، جنهن بعد ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم پاڪستان پهچندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close