شوبز

اقليتن کي ڪوڙن الزامن ۾ ڦاسائڻ دردناڪ آهي: شائي گل

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي شائي گل فيصل آباد ۾ مسيحي برادري جي گرجا گهرن ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ واري واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي تھ اقليتن مان اڪثر ماڻهن کي ڪوڙن الزامن ۾ ڦاسايو ويندو آهي، جيڪو انتهائي دردناڪ آهي. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ شائي گل جو چوڻ هو تھ فيصل آباد ۾ ٿيل نفرت جوڳا ڏوهه بابت معلوم ٿيو آهي، جنهن تي مان نٿي ڄاڻا تھ ان تي ڇا چوان. اقليتن خلاف نفرت جوڳا ڏوهه اڪثر ٿين ٿا، اهڙي ناانصافي جو اڪيلو حل تعليم ڏيڻ آهي، اوهان کي ان لاءِ شروعات ڪرڻي پوندي. هن چيو تھ مان ان معاملي ۾ دفاع ڪندڙ ماڻهن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button