شوبز

برٽني اسپيئرس کي شرمناڪ وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪين جا انڪشاف

آمريڪي ڳائڻي برٽني اسپيئرس ۽ سيم اصغري وچ ۾ طلاق لاءِ درخواست عدالت ۾ داخل ٿيڻ بعد عالمي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي تھ اڳوڻي مڙس سيم اصغري برٽني اسپيئرس کي شرمناڪ وڊيوز ليڪ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. عالمي ميڊيا پنهنجي ان رپورٽ ۾ چيو آهي تھ سيم اصغري طلاق بعد معاوضو نھ ملڻ جي صورت ۾ برٽني اسپيئرس کي ڌمڪيون ڏنيون، ڇاڪاڻ تھ ٻنهي جي وچ ۾ شادي کان اڳ برٽني اسپيئرس جا ڇرڪائيندڙ راز لڪائڻ لاءِ هڪ معاهدو ڪيو ويو، پر هاڻ سيم اصغري چاهي ٿو تھ کيس معاهدي کان وڌيڪ رقم ڏني وڃي، تنهنڪري هن ڌمڪيون ڏنيون تھ گهربل رقم نھ ملي تھ هو شرمناڪ وڊيو عوام آڏو آڻي ڇڏيندو. هوڏانهن سيم اصغري جي ترجمان برينڊن ڪوهن واضح ڪيو آهي تھ ميڊيا ۾ سيم تي وڊيو ليڪ يا ڌمڪين جا لڳل الزام غلط آهن، هو برٽني سان گڏ آهي ۽ سندس حمايت ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button