ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جڙانوالا واقعو: قانون تي عملداريءَ جي ضرورت

ملڪ ۾ موجود غيرمسلمن کي آئين ڀلي ڪيترو به تحفظ ڏيندو هجي پر عملي طور اهي غيرمحفوظ آهن. اهي سدائين ڪنهن نه ڪنهن جذباتي ميڙ جو شڪار ٿي ماريا ويندا آهن، انهن جون ملڪيتون ساڙيون وينديون آهن ۽ سندس عبادت گاهن کي ڊاهيو ويندو آهي. اهڙي ريت سڄي ملڪ ۾ ان نوعيت جا جڏهن واقعا ٿين ٿا ته ڏوهارين کي سزا ڪونه ملندي آهي، نتيجي ۾ ان اهڙا واقعا وري ٿيندا رهندا آهن. تازو پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ مسيحي براداريءَ سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو پاڪستان لاءِ بدناميءَ جو سبب ضرور ٿيو آهي ۽ ان سان دنيا کي اهو پيغام پڻ ويو آهي ته هتي غيرمسلم آباديون ڪنهن به ريت محفوظ ڪونه آهن.
پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ توهين جي مبينا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسيٰ نگريءَ ۾ عيسائي برادريءَ جي 4 گرجا گهرن، درجنين گهرن، گاڏين ۽ سامان کي ساڙي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جو چوڻ آهي ته جڙانوالا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. شهر ۾ امن امان جي مڪمل بحالي ۽ صورتحال معمول تي اچڻ تائين قلم 144 لاڳو رهندو. عيسيٰ نگري ۾ سالويشن آرمي چرچ، يونائيٽيڊ پريس بيپٽسٽ چرچ ۽ شهرون والا چرچ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. پوليس سيڪشن 295 (بي) ۽ 295 (سي) تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. نگران وزيراعظم واقعي جي مذمت ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جڙاوانوالا سانحي جي منظرن حيران ڪري ڇڏيو آهي، اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. پنهنجي هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت سمورن پاڪستانين کي برابر جو تحفظ فراهم ڪندي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ ٻين واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن واقعي جو ٻڌي افسوس ٿيو. پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو ته انتظاميا اقليتن ۽ سندن عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته عبادتگاهن جي تقدس جي پائمالي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. جڏهن ته مريم نواز چيو ته مذهبن ۽ عبادت گاهن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن.
ان قسم جون مذمتون سدائين ٿينديون رهنديون آهن. پاڪستان ۾ هر قسم جو قانون موجود آهي پر ان تي عمل ذرو به ناهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ميڙ گهٽين ۾ نڪري فيصلو ڪندو آهي پر اهو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي هر قسم جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي. هاڻ حڪمرانن کي سوچڻو پوندو ته ڇا ان ماحول سان ملڪ کي پرامن رکي سگهجي ٿو، ڇا غيرمسلمن جو تحفظ ان حالت ۾ ممڪن آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button