رانديون

سريلنڪا جي ڪرڪيٽر لاهيرو ٿريماني رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي

سريلنڪا جي ڪرڪيٽر لاهيرو ٿريماني عالمي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪن ٽيم جي اوپننگ ڪندڙ بيٽر لاهيرو ٿريماني جي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪرڪيٽ بھ بورڊ قبول ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ لاهيرو ٿريماني عالمي ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس تان استعيفيٰ ڏياري موڪلي هئي، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي. ياد رهي تھ لاهيرو ٿريماني 44 ٽيسٽ، 127 ون ڊي ۽ 26 ٽي 20 ميچن ۾ سريلنڪا جي ٽيم جي نمائندگي ڪئي ۽ ون ڊي جو ڪپتان پڻ مقرر ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button